ٽنڊو ڄام

ماحول کي صاف سٿرو رکڻ، مليريا ۽ ڊينگي جي امڪاني حملن کان بچڻ لاءِ ذميداري جو مظاهرو: ڪيو وڃي

SAUٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن، ملازمن ۽ آفيسرن تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو رکڻ، مليريا ۽ ڊينگي جي امڪاني حملن کان بچڻ لاءِ ذميداري جو مظاهرو ڪن، هن اها ڳالهه يونيورسٽي ۾ گندگي سب مڇرن جي پيدا ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ شروع ڪيل 10-ڏينهن واري صفائي مهم جو افتتاح ڪرڻ بعد خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته يونيورسٽي جي باغ، پارڪن، رهائشي ڪالونين توڙي شاگردن جي هاسٽل ڪمرن کي صاف ڪري ان تي مڇرن کي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ جي لاءِ سڀني ڌرين کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ جي هدايت ڪئي، ه ن چيو ته اڄوڪي مهم 10-ڏينهن تائين جاري رهندي، جنهن ذريعي صفائي سان گڏ اداري جي خوبصورتي ۽ رهائشي ڪالوي ۽ شاگردن جي هاسٽلز کي مليريا ۽ ڊينگي جهڙي مرضن کان پاڪ رکڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ ورتا ويندا.ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڪئمپس، پروفيسر ابو ساج محمد سمون چيئرمين بيوٽيفڪيشن ڪاميٽي، مختلف شعبن جا سربراهه وجود هئا.جڏهن ته وائيس چانسلرتيز رفتاري سان ڪم سرانجام ڏيندڙ پورهيتن سان ملي کين شاباس ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button