صدين جي تاريخ رکندڙ سنڌ جو قديم شهرسيوهڻ شريف،جتي لعل قلندر شهبازکانسواءِ ڪيترن ئي اولياء الله جون آخري آرامگاهون آهن،هتي هر روز هر قسم،هر رنگ و نسل جا ماڻھون سڄي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ اچي لعل شهباز قلندر تي حاضري ڀري عقيدت جا گل نڇاور ڪن ٿا جيڪڏهن سيوهڻ شهر کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسجي ته؛ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد، سيوهڻ جو درجو اچي ٿو. يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر فارسي قديم تاريخن خواھ تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي، ”چچنامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چارحڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌبه، جنگان، روجھاڻ، ڪوه پايه،ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو. (ص 22)”تاريخي معصومي“ به ان حقيقت کي دهرايوآهي. ”تحفته الڪرام“ جي صاحب سيوستان جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي: ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن. پنجينءَ ولايت ۾ آهي. هڪ قديم شهر ”سنڌ“ جي اولاد”سهوارن“ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو (سنڌ جي مشهور) ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کانپوءِ پوءِ ڪيئي دفعا مرمت ٿيوآهي. قديم الايام کان خلاصو تختگاه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کانپوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. تاريخدانن هن قديم شهر جا ڌار ڌار نالا ڏنا آهن. ڪن هن کي يوناني سڪندر جي زماني جو سنڊيمن، ڪن هن کي رامائڻ جي زماني جوسيوستان، شروسان، سدوسان ۽ سدوستان يا سادوستان سڏيو آهي.”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ ڪاڪي ڀيرومل وري لکيو آهي ته هي شهر راجا اشنير جي پٽ شبيءَ وسايو، جنهنڪري هن کي ”شبسٿان“يا ”شوستان“ ڪري سڏيندا آهن. راجااشنير رامائڻ جي زماني جيترو جھونو آهي. مگر دوارڪا پرساد ان خيال جي مخالفت ڪندي لکيو آهي ته راجا اشنير جي پٽ شبيءَ هاڻوڪي سبيءَ جو شهر وسايو. شهر جي اپٽار ڪندي، مسٽر شرما لکي ٿو ته هن جي انومان موجب جنهن وقت سڪندر کان پوءِ هندستان تي اتر ـــ اولھ کان ڪاهون ٿيڻ شروع ٿيون، تنهن وقت اتر هندستان جون (جنهن ۾ پراچين سنڌ جو اتر وارو ڀاڱو اچي ٿو) ڪيتريون کتر ذاتيون هجرت ڪري ڏکڻ هندستان ڏانهن روانيون ٿيون. مثًلا ملتان جي دلير ماوه قوم مالوا شهر، ڀٽنڊا جي ڀاٽين جيسلمير ۽ سبيءَ جي شوي کترين سيهوڻ اچي وسايو. وڌيڪ ڏيکاري ٿو ته سيوهڻ شهر اٽڪل ٻن اڍائي هزارن سالن جو جھونو آهي. (حوالو: ”سنڌ جو پراچين اتهاس“، جلد3، ص161.) جيڪڏهن ڪاڪي ڀيرومل جي ڀاونا تمام آڳاٽي آهي ته وري مسٽر پرساد جو پور به حقيقت جي حد کان گھڻو گھٽ آهي. سڪندر (356 ــــ 323 ق.م) جي ڪاھ کان اڳ سيوهڻ جو وجود هو، ان ڪري ائين چوڻ ته سنڌ کان پوءِ سيوهڻ وسيو هو، سو حقيقت کان دور آهي.
رگ ويد ۾ آيو آهي ته قديم آريا پنجن مکيه خاندانن ۾ ورهايل هئا : پروُ، آنوُ، درهيو، يدوُ ۽ ترسؤ. ”آنوُ“ آرين مان ڪي پنهنجي ويجھي ڏاڏي ”شوي“ جي نالي پٺيان ”شوي آريه“ سڏبا هئا. انهن پنجاب ۾ ”شور ڪوٽ“، بلوچستان ۾ ”سبي“، ايران ۾ ”سبستان يا ”سيستان“ ۽ ”سيوهڻ“ آباد ڪيا . سيوهڻ پهريائين سندن نالي پٺيان ”شوستان“ ڪوٺجڻ ۾ آيو، جنهن جو اچار پوءِ بگڙجي ”سيوستان“ ۽ ”سهوان“ ٿيو ۽ هاڻي ”سيوهڻ“ سڏجي ٿو. ”سيوهڻ“ لفظ به”شو واهن“ جو مخفف آهي.مشهور سياح ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي: ”سنڌ ۾ سيوستان نالي شهر آهي، جو اصل ۾ ”شواستان“ هو؛ يعني شِوَ جو آسٿان، پر ماڻهن جي زبان ۾ ”سيوستان“ مشهور ٿي ويو.“ ”چچنامه“ ۾ آيو آهي ته سيوستان جي پسگردائيءَ ۾ سيوس نالي قوم رهندي هئي. ”سيوس“ به ”شوي“ جي ئي بگڙيل بناوٽ معلوم ٿئي ٿي.حقيقت ۾ سيوهڻ ان نالي پوڻ کان اڳ موجود هو. شوي قوم فقط هن کي وڌايو ويجھايو ۽ اهو نالو رکيو هوندو. هي ايترو قديم آهي جو سنڌ ۾ جيڪي به قديم شهر آباد آهن، انهن ۾ هي سڀني کان آڳاٽو آهي. جن ماڻهن جو کوپريون موهن جي دڙي مان لڌيون ويون آهن، اهڙن ئي ماڻهن جون کوپريون سيوهڻ جي پريان شاھ بلاول واريءَ واٽ مان به لڌيو ويون آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيوهڻ تمام قديم زماني کان آباد هو. قديم زماني کان پوءِ، نئين حَجري زماني جا نشان به سيوهڻ جي ڀرسان لڌا ويوا آهن. سر جان مارشل لکيو آهي (بحواله: ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا“) ”نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪي جبلن جي قطار ۾، ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن.“ ان مان ثابت ٿيو ته سيوهڻ قديم زماني کان آباد ٿيندو آيو آهي. اهڙو ڪوبه ثبوت نٿو ملي ته سيوهڻ ڪنهن زماني ۾ کنڊهڙن جي صورت ۾ رهيو. جيتوڻيڪ سيوهڻ پنهنجي شهرت وڃائي چڪو هو، مگر تيرهين صديءَ جي وچ ۾ هن مشهوريءَ جو ٻيو حق حاصل ڪيو، جو هي اڪابر اولياءِ ڪرام مان هڪ، بنام شيخ عثمان مروندي المعروف لعل شهباز جي مرقد جو مقام بنيو. هاڻي سيوهاڻين خواه ٻاهرين کي محض هي ڪشش جو نقل آهي.“ ڇو ته ڪيترن ئي بزرگن هن ڌڻيءَ ڌوئل جي ذڪر خير کي افضل سمجھيو آهي. جئين مرحوم منشي خداداد خان صاحب ”لبِ تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته” سنڌ جي مؤلف سيوستان يا سهوان متعلق تمام گھٽ لکيو آهي. هن شهر ۾ قلندر، جو سنڌ جو بادشاھ آهي، رونق افروز آهي، ان جو ڪھڙو بيان ڪري ٿو سگھجي؟ هن موقعي تي هي ظاهر آهي ته ڪتاب جي ديباچي جي مناسبت ڪري، هن (شهباز رحه) جو احوال ڏجي.“ ان بعد هن قلندر سائينءَ جو احوال ڏنو آهي. ٻين به ڪيترن ئي سنڌ جي بزرگن خواه ٻاهرين لعل شهباز جي باري ۾ مدح سرائي ڪئي آهي. دور دراز دولھ، اڙانگا ڪشالا ڪري، ڏونگر ڏوري، لعل سائين جي زيارت يا بابرڪت لاءِ ايندا آهن. لعل شهباز کان سواءِ هيٺيان بزرگ به قابلِ ذڪر آهن: جن ۾ بودله بھار،جمن جتي ستي،پير پوٽه،سخي پاڻ سلطا،ڇٽو آمراڻي، قاضي قاضن، قاضي ابو سعيد ولد قاضي زين الدين، سيوهڻ جي مخدومن مان قاضي محمد وارث، قاضي امين الدين ۽ قاضي دين محمد، قاضي سائين ڏنو ۽ ان جو پٽ ميان مير لاهوري، مير سيد ڪلان، مير عبدالله سلطان ولد ميرابولمڪارم، سيد عبداللطيف ولد سيد عبدلرزاق بخاري، مير لطف الله ولد سيد عبدالڪريم عرف متارو شاھ، ملا دائود ۽ سندس فرزند نورالحق مشتاقي، ميان عبدالحليم ۽ سندس پٽ ميان وجھ الدين. سيوهڻ ۾ ايندڙ زائرين لاءِ تاريخ سان منسلڪ گهمڻ جو جايون جن ۾ لعل باغ،چوٿنڀي ۽ سيوهڻ جو قلعو وغيره اچي وڃي ٿوسوين سال تاريخ رکندڙ هي شهر اڄ به ڪيترن ئي مسئلن جي زنجير ۾ جڪڙيل آهي،هن وقت سيوهڻ ۾ عرس جون تياريون هلي رهيون آهن جنهن ۾ باقي چند ئي ڏيهن آهن 18 شعبان کان ٿيندڙ هن عرس مبارڪ۾ سڄي پاڪستان مان ايندڙ ماڻهون،عقيدتمند ڪيتريون ئي اميدون ساڻ کڻي لعل شهباز قلندرؒتي حاضري ڀريندا آهن پر هتان جي اتظاميه ۽ واڳ ڌڻي ايندڙ زائرين لاءِ ڪي خاص جوڳا قدم نه کڻندا آھن،هن وقت ميلو سخت گرمي جي ڏيهن ۾اچي رهيو آهي ءِ مستقبل ۾ به سخت گرميءَ ۾ ايندوجنهن ۾ سڀ کان اول درگاه ۾ ايئرڪنڊيشن پلانٽ جو هجڻ لازمي آهي ڇوته درگاه ۾ رش هجڻ ڪري زائرين کي سخت مشڪلات جو منهن ڏسڻو پوي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪَئين جانيو پڻ ضايع ٿين ٿيون،سيوھڻ شهر ۾ اڄ تائين ڪنهن اعٰلي عملدار عوامي پارڪ يا شھر واسين جي تفريح لاءِ ڪو به تعريف جوڳو عمل نه ڪيو آهي.ٻاهر کان ايندڙ زائرين لاءِ ته ڪيتريون ئي زيارتون ءِ تاريخ سان وابسته جڳهيون ضرور آهن پر هِن ڳتيل آبادي رکندڙ شهر واسين لاءِ ڪي خاص انتظام نه ڪيا آھن.
سيوھڻ کي اگر مٿئين نگاه سان ڏسبو ته هي واقعي هڪ بيمثال،لاجواب شهر آھي پر جڏهن هن جي اندر۾ جهاتي پائي ڏسبي ته هي شهر انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي سيوهڻ ۾ اها هر شيءِجيڪا قانون جي نظر سان ناجائز ءِ غير قانوني آهي اُها آساني هر شخص کي سان ملي سگهي ٿي جن ۾ شراب (ٺرو)،چرس،آفيم جھڙيون غليظ شيون شامل آهن ان ڳالهه کان پوليس وارا به بيخبر نه آهن ته فلاڻي شيءِ فلاڻي هنڌ هلي/ملي رهي آهي.ان کان علاوه ھتان جا ريسٽ هائوس،مسافر خانه حاشي جي اڏن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن،اوقاف اتي جا ملازم اٻوجهه ءِ غريب زائرين کي ِموشنلي بليڪ ميل ڪري انهن کان هزارين روپيه ڪمائي رهيا آھن قرآني آيتن جو چادرون (پَڙَ) چند روپين جي عيوض ماڻهن جي ڪلهن تي رکي الله جي ڪلام ڪي تذليل ڪري رھيا آھن،لعل شهباز قلندر جي جي درگاه اندر رکيل نذراني جي پيتين مان نڪرندڙ لکين رپين جي آمدني اگر سيوھڻ شهر جي ترقي،واڌاري،خوبصورتي لاءِ استعمال ڪيا وڃن ته سيوھڻ کي حَسين شهر جو روپ حاصل ٿي سگهي ٿو. اسان جي شهر ۾ اڪثر مسافرن جا کيسا ڪٽجندا رهندا آهن هتي ڪيترن ئي بشنين جي ڪري ماڻهن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو ان کان علاوه پينون فقيرن کان ايندڙ زائرين کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. گذريل ٽن سالن کان شهيد ٿيل اهليسنت ءِ اهلِ تشيح جي مسجدن جو ڪم اڃا تائين رولڙي جو شڪار آھن جنهن جي ڪري اهي قديم مسجدون ويراني ٰ مٽيءَ جي ڍير جو منظر ڏَسي رهيون آهن درگاه اندر ٿيندڙ ڪُڌن ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ منهنجو قلم اجازت نٿو ڏئي.
اسانجي شهر ۾ قبضا مافيا به پهنجي وس کان نه گهٽايو آهي سيوهڻ شهر جي قديم قبرستان کي مسمار ڪري ماڻهن پھنجا گهر اڏي ڇڏيا آھن هن وقت صرف اهي ئي قبرون وڃي بچيون آهن جن جو ڪو اوهي واهي ۽ والي وارث آهي.هن اهڙي بدترانساني تذليل واري عمل تي ڪنهن به چڱي مڙس جي جونءِ به نه سُري. موالي برادري به پهنجي قردار ادا ڪرڻ ۾ وسَ کان نه گهٽايو آهي شهر جي آس پاس خالي جڳهين تي قبضا ڪري نقلي پِير ٺاهي اٻوجهه انسانن کي ڦُرڻ ۽ لُٽڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آھن
لعل باغ: عموماً انسان جڏهن ڪنهن باغ يا باغيچي جو نالو ٻڌندو آ ته اُن جو تصَور کليل فضا، گلن،وڻن ۽ خلاصي ماحول جو منظر پيش ڪندو آهي پر سيوهڻ شهر جي مشهور ماڳ لعل باغ جيڪو قلندر شهباز جي جي زندگيءَ سان وابسطه آهي اُتي گهمڻ وارن کي بيد مشڪ،ٻٻر ۽ ڪانڊيرا هوا ۾ جهومندي نظر ايندا.هن تاريخي ماڳ کي بائوندري وال نه هجڻ ڪري هن جي ڪيتري ئي زمين تي قبضي جي ٺيڪيدارن پهنجا گهر ۽ هوٽلون اڏي ڇڏيون آهن، مٺي پاڻي جا چشما هوندي به لعل باغ جي زمين بنجر لڳي رهي آهي جڏهن ماڻهون لعل باغ تي گهڻ لاءِ پهچي ٿو ته اهو ان کي پهنجي تصور ۽ خيالن جي ابتڙ پائي ٿو. بحرحال مٿين سڀني مسئلن بابت ڪو به ڪوڙ ڪابه هٿ ٺوڪي ڳالهه نه آهي سيوهڻ شهر جي با شعور عوام جي تمنا خواهش آهي ته براءِ ڪرم سيوهڻ شهر جو جيترو نالو/رتبو آهي انهيءَ کي اُهڙو بنائڻ جي جي ڪوشش ڪريو.جيڪا واڳ ڌڻين جي وَس جي ڳالهه به آهي.هي اُهي ڳمڀير مسعلانه آهن جن جو حل ٿيڻ ناممڪن هجي براءَ ڪرم پهنجي ذاتي دلچسپي وٺي هن شهر جي رونقن کي بحال ڪيوءِ مسئلن جي زنجير کان آزاد ڪيو وڃي.
راشد حسين ميمڻ
سيوهڻ شريف