شڪارپور

غريب ۽ بيواه عورتن جي مالي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ شهيد بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام کي اڳتي وڌائيندي: آفتاب شعبان ميراڻي


aftabm1شڪارپور (ڊسٽرڪٽ رپورٽر عبدالوحيد ڦلپوٽو) پ پ پ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي ڪالھ جنرل پوسٽ آفيس گرائونڊ ۾ شهيد بي نظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت جاري ڪيل پاورٽي ڪور (غربت جي خاتمي جي مهم ) جي اسڪيم جو افتحاح ڪيو ان موقعي ته ان اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته غريب ۽ بيواه عورتن جي مالي مدد ڪرڻ جي سلسلي ۾ شهيد بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام کي اڳتي وڌائيندي حڪومت پاڪستان پ پ پ جي چئرپرسن جناب آصف علي زرداري صاحب جي قيادت ۾ پاورٽي ڪور اسڪيم جو افتحاح ڪيو آهي جنهن ۾ خاص طور تي عورتن جي مالي مدد ڪئي ويندي ان سلسلي ۾ مسٽر ميراڻي وڌيڪ ٻڌايو ته شڪارپور ضلعي ۾ هن وقت 69462 بيواه عورتن کي تيرنهن ڪروڙ اٺٽيه لک روپيا مني آرڊر جي ذريعي انهن جي گهرن تائين پهچايا ويندا انهي وڌيڪ چيو ته هڪ هزار مهيني جي حساب سان هر مهيني هڪ هزار غريب ۽ بيواه عورتن کي سندن گهرن تائين پئسا پهچايا ويندا جڏهن ته انهي وڌيڪ ٻڌايو ته مٿي ذڪر ڪيل پاورٽي ڪور پروگرام کان علاوه وسيلا روزگار جي تحت بنا وياج جي ٽئي ٽئي لک روپيا شڪارپور جي ضلعي ۾ 16 عورتن کي ڏنا ويندا جيڪي پئسا ڏهن سالن کان پو۽ ادا ڪرڻا آهن پاورٽي ڪور پروگرام تحت ملندڙ رقم هر ٻن مهينن کان پو۽ ڊسمبر تائين ادا ڪئي ويندي پو۽ ڊسمبر کان سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو ته جيئن غريب ۽ بيواه عورتون بينڪ کان پنهنجي قسط وٺي سگهن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button