مختصر خبرون

ضلعي ڪائونسل جي برطرف ملازمن پنھنجي بحاليءَ لاءِ ڪالھھ 55ھين ڏينھن بھ ھڙتال جاري رکي

لاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي ) لاڙڪاڻي جي ضلعي ڪائونسل جي برطرف ملازمن پنھنجي بحاليءَ لاءِ ڪالھھ 55ھين ڏينھن بھ ڊي سي او عبدالعليم لاشاري جي خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي بک ھڙتال ۾ شامل ڪامران عباسي، محمد شفيق عباسي، نعمت ا لله ڀٽو، آفتاب جوکيو، امتياز سومرو، خالد حسين ڪوريجو ۽ ٻيا شامل ھئا، ان موقعي تي ھنن جو چوڻ ھو تھ اسان پنھنجي بحاليءَ لاءِ ڪندڙ احتجاج کي 55 ڏينھن گذري چڪا آھن، پر ڪوبھ سار لھڻ وارو ڪونھي ڪو، ھنن چيو تھ ڊي سي او عبدالعليم لاشاري بلاجواز جي اسان کي نوڪرين مان برطرف ڪري اسان جي خاندان کي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي، ڊي سي او واعدو ڪيو ھو تھ بجيٽ ايندي تھ توھان کي بحال ڪيو ويندو، پر اھا بجيٽ بھ ھڙپ ڪئي وئي آھي، پر ھن وقت تائين اسان کي بحال نھ ڪيو ويو آھي، ھنن صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ، بلديات جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي تھ اسان کي برطرفيءَ جو نوٽيس وٺي اسان جي خاندانن کي فاقھ ڪشيءَ کان بچايو وڃي ۽ بحال ڪيو وڃي، نھ تھ ٻي صورت ۾ بحاليءَ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button