ضلعي آفيسر ٻوڏ ستايلن جي بهتر سار سنڀال لهن: سسئي پليجو
ٺٽو: صوبائي وزير ثقافت ۽ چيئرپرسن رليف مانيٽرنگ ڪميٽي ضلعو ٺٽو سسئي پليجو ٺٽي ضلعي جي برسات ۽ ٻوڏ ستايلن پاران کاڌ خوراڪ ۽ دوائون جي اڻ پوري فراهمي جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن کي چتاءُٰ ڏنو آهي ته اهي ٻوڏ ستايلن جون شڪايتون دور ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير اڄ مڪلي تي ضلعي آفيسرن جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ضلعي ۾ برسات ۽ ٻوڏ ستايلن جي رليف واري آپريشن جو جائزو وٺندي لاڳاپيل آفيسرن کي چيو ته کيس شڪايتون مليون آهن ته ٻوڏ ستايلن لاءِ قائم ڪيل ڪيمپن ۾ کاڌ خوراڪ، دوائون ۽ پيئڻ جو پاڻي باقائدگي سان مهيا نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ ستايل پهريان ئي تڪليف ۽ پريشاني جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن اسان انهن جا ڏک سور نه گھٽايا ته هو وڌيڪ ذهني پيڙا جو شڪار ٿيندا. هن واضح ڪيو ته اهڙيون شڪايتون ٻيهر وصول ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوار آفيسرن خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اي ڊي او روينيو ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال صوبائي وزير کي ٻڌايو ته هن وقت تائين برسات ۽ ٻوڏ سبب ضلعي جي متاثر ٿيل 10 يونين ڪائونسلن جي 491 ڳوٺن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي جن لاءِ مختلف هنڌن تي ڪيمپون قائم ڪيل آهن ۽ کين کاڌ خوراڪ مهيا ڪئي پيئي وڃي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻوڏ متاثر بدين مان 200 خاندانن ۽ جھڏو جي 70 خاندانن ٺٽي ۾ پناه ورتي آهي. صوبائي وزير ضلعي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ضلعي جي رليف ڪيمپن ۾ رهندڙ سڀني جي بنا ڪنهن فرق جي مڪمل سار سنبال لڌي وڃي. صوبائي وزير چيو ته کيس اطلاع آهن ته ميرپور ساڪرو ڊرين سمنڊ ۾ وهڻ بجاءِ اُبتو وهڻ ڪري وڌيڪ نقصان جو سبب بنجي رهيا آهن. هن لاڳاپيل کاتي جي عملدارن کي چيو ته هو اهو يقيني بنائين ته سمنڊ ۾ پاڻي نيڪال ڪندڙ سموريون ڊرين صحيح نموني پاڻي نيڪال ڪن ته جيئن ٻوڏ جو پاڻي جلد کان جلد سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿئي.