ڪراچي

صدر زرداري مايوس ڪيو، متحده خلاف شجاع پاشا کي ثبوت ڏنا آهن: ذوالفقار مرزا

Mirza1ڪراچي : اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا چيو آهي ته سندس دوست آصف علي زرداري رحمان ملڪ کان دوکو کائي ويو آهي هاڻ سندس اکين تي ٻڌل پٽي لهي رهي آهي. ان ڪري ئي هن ايم ڪيو ايم سان ڳالهين لاءِ بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ کي ڇڏي ذميواري خورشيد شاهه حوالي ڪئي آهي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ذوالفقار مرزا چيو ته پ پ کي ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم خلاف ملڪ ٽوڙڻ ۽ بغاوت جو ڪيس هلايو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ته شهيد بينظير ڀٽو جا پوئلڳ ۽ پ پ جا جيالا روڊن تي نڪري ايندا ۽ حڪمرانن کي اهو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪندا. ذوالفقار مرزا چيو ته حڪومت ڪراچي جي مسئلن کي سمجهي ان طرف ڌيان ڏنو ته معاملا ٺيڪ ٿي ويندا ۽ فوج کي گهرائڻ جي ضرورت نه پوندي. هن چيو ته صدر آصف زرداري کي اڃا درست صورتحال نه ٿي ٻڌائي وڃي، کيس سڀ ٺيڪ آهي ۽ واهه واهه ڪندڙ صورتحال کان آگاهه ڪن ٿا ۽ صدر به اهوئي ٻڌڻ چاهي ٿو. هن چيو ته کيس سپريم ڪورٽ تي اعتماد نه آهي اها جڏهن گهرائيندي ته عدالت ويندس ۽ عدليه جي ڪردار بابت به ڳالهائيندس. هن چيوته ڪراچي صورتحال ۽ ٽارگيٽ ڪلرز بابت اسيمبليءَ جي فلور تي ڳالهايو ۽ چيف جسٽس کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي پر هن نوٽيس نه ورتو. ان ڪري هو هلندڙ سال ٿيل ٽارگيٽ ڪلنگ جو ذميوار چيف جسٽس کي به سمجهي ٿو. هن چيو ته چيف جسٽس کي صدر آصف زرداري جا ڪيس نظر اچن ٿا پر کيس ڪراچي ۾ قتلام نظر نه ٿو اچي. ذوالفقار مرزا چيو ته جنرل ڪياني ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه احمد شجاع پاشا سان ملاقاتون ڪيون آهن. احمد شجاع پاشا سان ايم ڪيو ايم جي حوالي سان ملاقات ڪئي. کيس ثبوت فراهم ڪيا. ملاقاتن بابت صدر آگاهه هو. هن چيو ته آءِ ايس آءِ سربراهه سان ملاقات جا نتيجا نڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ جيڪي گرفتاريون ٿين پيون ان ۾ رحمان ملڪ جو ڪردار ناهي، ان باوجود هو نمبر حاصل ڪري رهيو آهي، هو مٿي کان پيرن تائين سڄو ڪوڙو آهي. ذوالفقار مرزا چيو ته سندس گهرو وزارت دوران جڏهن ڏوهارين خلاف آپريشن جي تياريون ڪيون وينديون هيون ته رحمان ملڪ اسلام آباد کان اچي لالچون ڏيندو هو. هن الزام هنيو ته رحمان ملڪ کيس چيو ته هنن ٻنهي جا پٽ گڏجي تيل جو ڪاروبار ڪن. هن چيو ته رحمان ملڪ ٻيون به لالچون ڏنيون پر آئون لالچن کان مٿانهون ٿي ويو آهيان. هن چيو ته جيڪڏهن صدر آصف زرداري کيس گهرايو ته هو شرطون رکندو. رحمان ملڪ ۽ گورنر عشرت العباد کي مهيني اندر هٽايو وڃي. نه ته عوام پاڻ روڊن تي اچي فيصلو ڪندو. مرزا وڌيڪ چيو ته هن پنهنجي دوست صدر آصف زرداري کي ڪمزور ڏٺو کيس زنجيرن ۾ جڪڙيل محسوس ڪيو. ان ڪري کيس دوستي ۽ پيار جي زنجير کان آزاد ڪيم ۽ گهرو وزارت ۽ پارٽي عهدو ڇڏي ڏنو. هن چيو ته صدر آصف زرداري جو چوڻ ڪندو آهي پر هن کيس مايوس ڪيو آهي. فوج جي اڪثريت پ پ کي ووٽ ڏئي ٿي. مشرف، ضياءَ ۽ ايوب جهڙا جرنل پ پ کي ختم ۽ ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته قوم لاءِ خوشخبري آهي ته فوج عوام خلاف نه آهي. اها ڏينهن رات عوام لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. فوج پاران حڪومت ختم ڪرڻ جون ڳالهيون غلط آهن. هن چيو ته نادان دوستن کي يقين ڏياريان ٿو ته پ پ کي نقصان صرف سندن هوس کان ٿيندو. جيڪڏهن کين بکايل عوام جو خيال آهي ته پارٽي کي نقصان نه ٿيندو. مرزا چيو ته هو ڪوبه ڪم صدر جي اجازت کانسواءِ نه ٿو ڪري سگهي پر صدر کيس مايوس ڪيو آهي. مون وٽ اهڙو تعويذ آهي اهو ڪنهن وٽ ناهي، ان سان هو صدر کي مڃائيندو آهي. هن چيو ته صدر آصف زرداري ۽ پ پ عزت ۽ شهرت ڏني. انهن لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته نسيم حسن شاهه جهڙا جج هوندا ته عوام لٽجندو ۽ مرندو رهندو. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته کيس الله کان سواءِ ڪنهن به گائيڊ لائين نه ڏني آهي. سچ جي راهه تي نڪتو آهيان جڏهن پڪاريندس ته ساٿي سچ جو ساٿ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته پ پ سچ تي ٻڌل آهي، هن چيو ته هو دعا ٿو گهري ته ملڪ جو هر شهري سچ ڳالهائي آئون قوم پرست ۽ سنڌي پرست آهيان ان تي فخر آهي، مون وانگر سڀني کي قوم پرست ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڪيلي ذوالفقار مرزا ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي. عوام جي خوشي بينظير سان هئي، جڏهن ان کي قتل ڪيو ويو ته عوام ردعمل ۾ چيو ته پاڪستان نه کپي. ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته حڪومت کي پرڏيهي ايجنٽن فيل ڪيو آهي. ان باوجود وڏو وزير قائم علي شاهه، آغا سراج دراني ۽ منظور وساڻ سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن هو مري وڃي ته سندس لاش کي پ پ جي جهنڊي ۾ ويڙهي ڳڙهي خدا بخش ۾ دفنايو وڃي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button