شڪارپور

صحافي آغا طارق پٺاڻ مٿان لتن مڪن جو وسڪارو ،سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو

shikarpur 315x252شڪارپور (ڊر) شڪارپور شهر ۾ ڦهليل گندگي جا ڍير ، ڪنو پاڻي ، در در ڪچرو ڊي سي او شڪارپور ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو کي ڏيکارڻ تان نساسڪ آفيسر ڊوالفقار ابڙو مڇرجي پيو صحافي آغا طارق پٺاڻ مٿان لتن مڪن جو وسڪارو ،سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو . تفصيل موجب شڪارپور شهر ۾ وڌندڙ گندگي جي شڪايتن تي ڊي سي او شڪارپور ڊاڪٽر سعيد احمد مڳڻيجو شهر جي مختلف چوراهن ، گهٽين ، روڊن رستن تي گندگي بابت مختلف ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيو هيو ته شڪارپور شهر جي صحافي آغا طارق پٺاڻ گندگي بابت ڊي سي او شڪارپور کي آگاهي ڏني ۽ گندگي جا ڍير ڏيکارڻ تي نساسڪ آفيسر ذوالفقار ابڙو مڇرجي پيو ڊي سي او جي موجودگي ۾ نساسڪ آفيسر جا صحافي کي گٿا لفظ ڳالهڻ ۽ لتن مڪن جو وسڪارو صحافي کي سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو ان موقعي ته ڊي سي او شڪارپور نساسڪ آفيسر تي ڏمجري پيو کيس پيدل گهر وڃڻ جي هدايت ۽ صحافي سان انصاف ڏيارڻ جو واعدو هوڏانهن اها خبر جيئن ئي صحافي برادري کي پئي ته صحافي برادري ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ڊي سي اهو شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته اهڙي ڪرپٽ ، راشي آفيسر کي جلد کان جلد هٽايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button