شڪارپور

شھيد پوليس اھلڪار جو قاتل گرفتار


DPOشڪارپور: (عبدالوحيد ڦلپوٽو) گواز واه تي پوليس چوڪي تي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار اقبال احمد ڀٽو جا قاتل گرفتار ايس ايس پي جنيد احمد شيخ جي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب هڪ هفتو اڳ گواز واه چوڪي تي ٿيل حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار اقبال احمد ڀٽو ۽ سخت زخمي ٿلي پوليس اهلڪار علي گوهر دايو جا قاتل پڪڙڻ لا۽ ايس ايس پي جنيد احمد شيخ اسپيشل ٽيمون جوڙيون هنيون جنهن ۾ نيو فوجداري ٿاڻي جو ايس ايڇ او اياز خان پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ڳڙهي ياسين جي لڳ ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن ڪري جوابدار ضمير لوهر ۽ انبي خروس کي جديد اسلحي سميت گرفتار ڪري ورتو ۽ انهي چيڪنگ دوران ڳڙهي ياسين لڳ ياسين واه تي ذوالفقار تڙت ۽ حبدار تڙت کي پڻ جديد اسلحي سميت گرفتار ڪيو آهي
ايس ايس پي جنيد احمد شيخ ڊي پي او هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملزم ڀل ڪيڏا به طاقتور ڇو نه هجن پر انهن کي گرفتار ڪيو ويندو شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جا قاتل گرفتار ڪرڻ پڻ انهي سلسلي جي ڪڙي آهي ڏوهاري کي گرفتار ڪري قانون جو مان مٿاهون ڪيو ويندو ضلعي ۾ امن امان ڪرائڻ پوليس جي ذميواري آهي ۽ انشاالله امن امان ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ان اهڙي خيالن جو اظهار ڊي پي او هائوس ۾ صحافين سان مخاطب ٿيندي ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button