شڪارپور

شڪار پور ۾ بارش، 2 کان 3 فٽ پاڻي بيھي رھجي، مواصلاتي نظام درھم برھم

Rainشڪارپور (ڊر) اڄ صبح کان شڪارپور ضلعي ۾ برسات ۽ بادلن جي گجگوڙن وقفي وقفي سان وڏي اسپيڊ سان برسات جاري شهر جي مختلف چوراهن تي پاڻي 2 کان 3 فٽ بيهجي ويو اسڪولن، ڪاليجن ۽ آفيسن ۾ حاضري گهٽ رهي . تفصيل موجب : اڄ صبح کان شڪارپور ضلعي ۾ برسات ، کوڙن جا گجگوڙ برسات شڪارپور شهر ، لکي غلام شاه ، خانپور ، ڳڙهي ياسين ، مدئجي ، همايون ، رڪ ، جهلي ڪلواڙي ، ڳاهيجا ۾ تباهي مچائي ڇڏي برسات وقفي وقفي سان جاري جڏهن ته شهر جي مک چوراهن جنهن ۾ هزاري در ، هاٿي در ، جماڻي هال، پوليس 15 چوڪ، پريس ڪلب ، لکي در گهنٽاگهر ، حاجي لطيف شاه روڊ ، سرڪيولر روڊ تي ٻه کان ٽئي فوٽ پاڻي بيهجي ويو ان ڪري شهرين کي ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو برسات سبب مواصلاتي نظام پڻ درهم برهم ٿئي ويو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button