شڪارپور

شڪارپور ۾ ٻئي ڏينهن به جيئي سنڌ قومي محاذ جي طرفان ڪيل هڙتال


Bashir Khanشڪارپور : (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) شڪارپور ۾ ٻئي ڏينهن به جيئي سنڌ قومي محاذ جي طرفان ڪيل هڙتال جي سڏ تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي چئرمين بشير خان قريشي کي ڪراچي ۾ رينجرس جي هٿان گرفتاري تي شڪارپور ۾ مڪمل هڙتال رهي هڙتال سبب سرڪاري آفيسن ۾ حاضري گهٽ رهي پيٽرول پمپ ، دڪان ، پرائيوٽ اسڪول ۽ کاڌي پيتي جي شين جا دڪان پڻ بند رهيا جڏهن ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن شڪارپور ۾ ڪارڪن جي گرفتاري خلاف پڻ ريلي ڪڍي ۽ شهر جي مک چوراهن لکي در ، هزاري در ، هاٿي در ، رستم چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي انهن جو چوڻ هنيو ته حڪومت بلا جواز ڪنهن جي چوڻ تي پرامن سنڌي شهرين کي گرفتار ڪري ڊرامو ڪري رهي آهي حڪومت کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ ڪير دهشتگردي ۾ ملوث آهي باقي حڪومت سنڌي قوم سان ڇيڙ خاني ڪري بلا وجه پرسڪون ماحول خراب ڪري رهي آهي ۽ انهن وڌيڪ ٻڌايو ته جنهن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي حڪومت انهن جي نزديڪ به نه پئي وڃي باقي جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي حفاظت لا۽ اسلحو آهي ته ان کي گرفتار ڪري رهي آهي جيڪا سراسر ناجائزي آهي انهن جو چوڻ هيو ته سنڌين کي ڄاڻي واڻي دهشتگردي واري لپيٽ ۾ آڻڻ اها حڪومت جي سوچيل سمجهيل چال آهي انهن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن جسقم چئرمين بشير خان قريشي کي ٽن ڏينهن ۾ نه ڇڏيو ويو ته نقصان جي ذميوار حڪومت هوندي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button