شڪارپور

شڪارپور ۾ مليريا ، ڊائريا ۽ ڊينگي وائرس کان بچڻ لا۽ اسپري ڪرائڻ جو فيصلو

mosquito on wall photoشڪارپور (عبدالوحيد ڦلپوٽو) شڪارپور ۾ مليريا ، ڊائريا ۽ ڊينگي وائرس کان بچڻ لا۽ اسپري ڪرائڻ جو فيصلو . تفصيل موجب : تازو سنڌ ۾ برساتن کان پو۽ ڦهلجندڙ بيمارين مليريا ، ڊائريا ، ڊينگي وائرس کان بچڻ لا۽ اڄ اي ڊي او آفيس ۾ اي ڊي او هيلٿ شڪارپور ڊاڪٽر خليل احمد ڪٽپر جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ شڪارپور ضلعي جي ڊاڪٽرن حصو ورتو ان اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته شڪارپور ضلعي جي چئني تعلقن جنهن ۾ لکي غلام شاه ، ڳڙهي ياسين ، خانپور ۽ ننڍن ننڍن علائقن جنهن ۾ همايون ، مدئجي ، ڳاهيجا ، رڪ ، جهلي ڪلواڙي ، ميان صاحب ، رستم ، ڳوٺ ڦلپوٽا ، مريد ڳوٺ ، ڪرن شريف ۾ پيل تازين برساتن کان پو۽ ڦهلجندڙ بيماريون جنهن ۾ مليريا ، ڊائريا ، ڊينگي وائرس کان بچا۽ لا۽ اسپري ڪرائي ويندي ۽ چار ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي گهر گهر وڄي ڪري اسپري جي مانيٽرنگ ڪنديون ۽ مريضن جي مفت چڪاس ڪئي ويندي ان موقعي ته اي ڊي او هيلٿ صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته اسان جي شروع کان وٺي اها ڪوشش رهي آهي ته اسان غريبن کي مفت علاج ۽ جيڪي ٿئي سگهن اهي سهولتون ڏيون .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button