لاڙڪاڻو

شيعھ نمائندھ تنظيمن پاران بلوچستان جي ڪوئٽيا، مستونگ جي دردناڪ، وحشياڻي دھشتگرديءَ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو

Shia killingلاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي ) لاڙڪاڻي ۾ شيعھ نمائندھ تنظيمن پاران بلوچستان جي ڪوئٽيا، مستونگ جي دردناڪ، وحشياڻي، دھشتگرديءَ واري واقعي خلاف گذريل ڏينھن نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مظاھرين ۾ مجلس وحدت مسلمين، شيعھ علماءِ ڪائونسل، اصغريھ آرگنائيزيشن، اماميھ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، تحريڪ نفاذ، فقھ جعفريھ تنظيمن جي اڳواڻن شامل ھئا، ان موقعي تي مولانا رياض حسين الحسيني، رستم علي حيدري، طارق ڀٽي، سيد مھتاب علي شاھھ، عبدالغفار لھر ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ .2 سيپٽمبر تي بلوچستان صوبي جي ڪوئٽيا مستون کان ايران زيارت تي ويندڙ مومنن جي بس کي ھٿياربندن روڪي مومنن کي بس مان لاھي قطار ۾ بيھاري بيدرديءَ سان گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھيو، جنھن جي نتيجي ۾ 13 مومن شھيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا ھئا، ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو تھ اھڙن قاتل دھشتگردن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، نھ تھ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button