ٺٽو

شاهجھان مسجد ٺٽي ۾ برساتن ۽ آفتن کان بچڻ لاءِ توبه استغفار وزير جيل خانه جات صادق علي ميمڻ، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن جي شرڪت.

SINDH MINISTER FOR JAIL DCO THATTA PRAYٺٽو: ٺٽي ضلعي جي عوام وڏي تعداد ۾ تاريخي بادشاهي مسجد ۾ ظهر(ٻنپهرن) جي نماز ۾ توبه استغفار پڙهي. الله تعالٰي جي در قدرتي آفتن، برسات ۽ ڊينگي بخار جي وڌيڪ نقصانن کان معافي لاءِ ٻاڏايو. نماز ۽ دعا ۾ صوبائي وزير جيل خانه جات صادق علي ميمڻ، ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، ضلعي جي اعلٰي آفيسرن ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. ظهر جي نماز بعد شاهجهان مسجد جي امام مولوي عبدالباري جي اڳواڻي ۾ ماڻهن الله تعالٰي کي ٻاڏايو ته هلندڙ برساتن ۽ ڊينگي بيماري جي وڌيڪ نقصانن ۽ ٻين قدرتي آفتن کان معافي ڏني وڃي ۽ پاڪستان ۽ سنڌ صوبي تي رحم ڪيو وڃي، ٻوڏ ۽ برساتن ۾ تباه ٿيل مسڪين ماڻهن لاءِ آسانيون مهيا ڪيون وڃن. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير جيل خانه جات صادق علي ميمڻ چيو ته برساتن ضلعي ٺٽي سميت سنڌ ۾ تمام وڏي تباهي آندي آهي ۽ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي خاص هدايتن ۽ اپيل هيٺ نماز بعد توبه استغفار ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته حڪومت متاثرين جي پرگھور ۾ مصروف آهي ۽ ان ڪم ۾ وسان نه گھٽائيندي. هن چيو ته جيستائين برساتون بند نٿيون ٿين تيستائين ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ ممڪن ناهي، اهو ڪم برساتن بند ٿيڻ بعد ڪيو ويندو. هن شهرين جي شڪايت تي ٽي ايم او ٺٽو کي شهر ۾ صفائي جي صورتحال بهتر بنائڻ جي هدايت ڪئي. ڊي سي او ٺٽو بعد ۾ امام بارگاه شاه نجف جو دورو ڪيو ۽ علامه غلام اصغر درس کان آفتن ۽ برساتن جي نقصانن کان بچڻ لاءِ دعا ڪرائي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button