سکر

سکر ۾ قومپرست ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ شهر جا ڪيترائي اهم مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا هوائي فائرنگ سبب علائقن ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو

Qureshiسکر(بيورورپورٽ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي جي ساٿين سميت گرفتاري جي خبر پوڻ شرط سڄي سنڌ وانگر سکر ۾ قومپرست ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ شهر جا ڪيترائي اهم مرڪز بند ڪرائي ڇڏيا هوائي فائرنگ سبب علائقن ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو جڏهن ته جسقم جي ضلعي صدر غلام مصطفي ڦلپوٽو ۽ مظهر عباسي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏنو ته بشير قريشي کي ساٿين سميت فورن آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت رد عمل ڪيو وينديو هوڏانهن سکر پوليس جسقم جي 9 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي جسقم اڳواڻ غلام نبي گهانگهرو ۽ ٻين قومپرست ڪارڪنن بشير قريشي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ٻئي پاسي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خان محمد ڀيو، ريحان ڪاغذي، عارف مهر ۽ ٻين بشير قريشي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اهڙي عمل کي پ پ حڪومت جي قومپرستن خلاف آپريشن ۽ ڪاروائين کي گهري سازش قرار ڏيندي سندن آزادي جو مطالبو ڪيو آهي هنن چيو ته رينجرز ۽ پوليس اصل دهشتگردن خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري ڇو ته اهي حڪومت ۾ شامل پارت:ن جا ڪارڪنن آهن عوام کي گمراه ڪرڻ لاءِ بشير قريشي کي گرفتار ڪري برسات متاثرن ۽ ڪراچي ۾ ڪاروائين تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي. هوڏانهن اهڙي عمل تي سنڌي ماڻهن ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button