سکر ۽ گڊو وٽ سنڌو درياءَ ۾ ننڍي ٻوڏ جو سلسلو شروع ٿي ويو
سکر(رپورٽ؛ عمر سومرو ) سکر ۽ گڊو وٽ سنڌو درياءَ ۾ ننڍي ٻوڏ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ٻنهي بئراجن تي به مسلسل پاڻيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته گڊو بئراج تي پاڻيءَ جو وهڪرو 2 لک 8 4 هزار 5 2 5 ڪيوسڪ ۽ سکر بئراج تي 2 لک 5 5 هزار 0 6 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي وهڪرو 0 7 هزار 1 6 7 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. ايندڙ 2 1 ڪلاڪن اندر گڊو بئراج تي وڌيڪ پاڻي جو ريلو پهچندو. ۽ آبپاشي کاتي پاران ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سکر بئراج مان نڪرندڙ رستن ڪينالن کي ايمرجنسي طور بند ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري وڌيڪ ڳوٺن يا فصلن کي نقصان نه پهچي سگهي، پنجاب ۽ خيبر پختونخواه ۾ هلندڙ برساتن سبب پاڻي ۾ اضافو ٿيڻ سبب وچولي ٻوڏ جو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ امڪان آهي. جنهن ڪري سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آباد ڳوٺ ۽ گهرن سميت ڪچي جي علائقن کي شديد خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو ۽ ڪجهه حفاظتي بندن تي به ٻوڏ جي پاڻيءَ جو دٻاءُ ٿي سگهي ٿو ٻئي طرف سکر شهر جي حفاظتي ديوار بندر وال ڪيترن ئي هنڌن تان ديوار کي مڪمل ڊاهي ڪري پٽ ڪيو ويو آهي. ملڪ اندر چوماسي جي پوندڙ برساتن سبب سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه وڌڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ حفاظتي ديوار نه هجڻ ڪري سکر شهر کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي. سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر جي حفاظت لاءِ قائم ديوار بندر وال تان حڪومت قبضا ختم ڪرائي اتان جي رهواسين کي 0 7 ڪروڙ روپيا ادا ڪري ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ۽ انتظاميه پاران سکر شهر کي امڪاني ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ديوار جو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو هو. جيڪو مقرر وقت اندر مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته انتظاميه پاران حفاظتي ديوار بندر وال تي قبضا ڪيل گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. جنهن کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود ملبو نه کنيو ويو آهي. ۽ ڪيترن ئي هنڌن تان پراڻي ديوار مٿان نئين ديوار کنئي پئي وڃي جڏهن ته گذريل ٻوڏ دوران پراڻي ديوار مان ڪيترن ئي هنڌن تان پاڻي ٻاهر نڪري رهيو هو جيڪو شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪيو هو ۽ حفاظتي ديوار جي حفاظت ڪئي هئي بندر وال جي ديوار تي هلندڙ مرمتي ڪم ۾ ناقص ميٽريل استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪيترن ئي سياسي پارٽين نشاندهي به ڪئي آهي مگر هن وقت تائين ڪنهن به حڪومتي اعليٰ عملدارن جو نوٽيس نه ورتو آهي. بندر وال جي حفاظتي ديوار کي ڪجهه هنڌن تان صفا ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي ڊاهي پٽ ڪيل ديوار واري هنڌ تان سنڌو درياءَ جي وهڪري جو پاڻي ڪجهه فوٽ پري کان وهي ٿو. جڏهن ته ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود حفاظتي ديوار جي تعمير وارو ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. ملڪ اندر پوندڙ چوماسي جي تيز برساتن کانپوءِ سنڌو دريا ۾ پاڻي جو چاڙهه اچڻ شروع ٿي ويو آهي. جنهن ڪري سکر شهر کي سخت خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو. مگر آبپاشي کاتو ۽ انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ۽ هتان جا چونڊيل نمائنده به خاموش تماشائي بڻيل آهن. سکر جي شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سکر شهر جي حفاظت لاءِ قائم ڪيل بندر وال جو ڪم تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي ۽ جتان حفاظتي ديوار کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي اتان ڀت ر جو فوري طور تي تعميراتي ڪم شروع ڪيو وڃي ۽ بندر وال جي تعميراتي ڪم ۾ ناقص ميٽريل جي استعمال جو نوٽيس وٺي ڪري تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ ملوث ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. جيئن ايندڙ وقت ۾ نقصان نه ٿي سگهي .