سکر پوليس مختلف واقعن ۾ 8 2 ڏوهارين، 5 2 1 روپوش ۽ 4 1 اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو: ايس ايس پي
سکر(رپورٽ؛ عمر سومرو ) ايس ايس پي سکر ثاقب اسماعيل ميمڻ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته سکر پوليس مختلف واقعن ۾ 8 2 ڏوهارين، 5 2 1 روپوش ۽ 4 1 اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف، 6 بغير لائسنس گن، هڪ رائفل، 5 1 پسٽل، 3 ريوالور ۽ وڏي تعداد ۾ گوليون برآمد ڪري ورتيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس 5 موٽر سائيڪلون ۽ 2 ٽريڪٽر ٽرالي به برآمد ڪري ورتيون. ان کان علاوه سکر ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪندي اعليٰ ڪوالٽي جو 4 ڪلو 5 2 6 گرام چرس ۽ 2 9 بوتلون شراب جون برآمد ڪيون آهن.جنهن جي قيمت لکين روپيا ٻڌائي وڃي ٿي. هن چيو ته 17 آگسٽ تي پوليس پڪٽ ڪوڙو خان ڪورائي نيشنل هاءِ وي روڊ تي هٿياربندن حملو ڪري محمد علي بلو کي شهيد ڪري 2 رائفلون جي ٿري ڦري فرار ٿي ويا ۽ پوليس هٿياربندن جو پيڇو ڪندي ٽن هٿياربندن عبدالجبار ڪورائي، الطاف ڪورائي، ۽ مٺل ڪورائي کي گرفتاري ڪري 2 ٽي ٽي پسٽل ۽ هڪ گن ۽ پوليس کان ڦر ڪيل 2 جي ٿري رائفلون برآمد ڪري ورتيون آهن. هن چيو ته سانگي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ فوجي سپاهي محمد آصف نديم کان هٿياربندن پاران موٽر سائيڪل جي ڦر دوران قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا ۽ پوليس ان ڪيس ۾ گهربل جوابدار اعجاز عرف اجو ڪلهوڙو ۽ فريد جاگيراڻي کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 2 ٽي ٽي پسٽل ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ گوليون برآمد ڪري ورتيون گرفتار ڪيل اعجاز عرف اجو ڪلهوڙو پوليس کي 0 2 ڪيسن ۾ گهربل هو. ۽ ان جي گرفتاري تي 5 لک روپيا سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته فريد جاگيراڻي سکر پوليس کي 6 سنگين ڪيسن ڦر ۽ قتل جي ڪيسن ۾ گهربل آهي. هن چيو ته سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي هارون ميمڻ جي جيولرز جي دڪان مان سوا ڪروڙ روپين جي سونا زيور جي چوري ڪندڙ اصل جوابدارن کي هڪ ٻن ڏينهن ۾ گرفتار ڪري چوري برآمد ڪئي ويندي. هن چيو ته موٽر وي پوليس جي سهڪار سان ايندڙ وقت ۾ به هاءِ وي تي ڏوهن جي ڪاروائين کي روڪيو ويندو سکر جي ميڊيا حق ءٌ باطل جي جنگ ۾ اسان جو سات ڏئي ان موقعي تي ڊي ايس پي قلندر بخش سومرو ۽ ٻيا به موجود هئا.