شڪارپور

سکر جو رھواسي قتل، 6 مبينه جوابدارن مٿان ڪيس داخل

shikarpur 315x252شڪارپور : (عبدالوحيد ڦلپوٽو) پراڻي تڪرار تي سکر جو رهواسي گلزار شاه کي پنهنجي مائٽن گوليون هڻي شڪارپور منڊي ڦاٽڪ وٽ قتل ڪري ڇڏيو سندس لاش اڌ ڪلاڪ اس ۾ پيو رهيو سندس لاش ايڌي وارن کڻائي سول اسپتال پهچايو .
تفصيل موجب : شڪارپور شهر جي منڊي ڦاٽڪ وٽان سيد گلزار شاه پٽ بهار شاه عمر 45 سال وڃي رهيو هو ته سندس مائٽن کيس گولين جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ٻڌايو پيو وڃي ته گلزار شاه اصل گوسڙجي جو رهواسي آهي گلزار شاه زخمن جا سور نه سهندي تڏي ته فوت ٿئي ويو جڏهن ته فوتي جو لاش منڊي ڦاٽڪ وٽ اٽڪل اڌ ڪلاڪ پيو رهيو سندس لاش کي مشهور فلاحي تنظيم ايڌي وارن کڻائي سول اسپتال پهچايو سول اسپتال جي عملي پاران فوتي جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو سندس وارثن جي پهچڻ بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته فوتي جي زال مسمات بختاور شاه فريادي ٿئي 6 جوابدارن جي مٿان ايف آ۽ آر ڪٽرائي فريادڻ جوابدار مجاهد شاه ، سجاد شاه ، واجد شاه ، مختيار شاه عرف اوقاف شاه ، عاشق شاه ، رزاق شاه جي مٿان ڪيس داخل ڪرايو جڏهن ته جوابدار قتل بعد آساني سان موٽر سائيڪل تي فرار ٿئي ويا جڏهن ته فوتي جو لاش سندس آباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button