سکرجو خبرنامو
سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۽ ڀرپاسي ۾ عيد جا ڏينهن برسات جي ور چڙهي ويا ماڻهو عيد نماز پڙهڻ سميت تفريح ڪرڻ ۽ ملاقاتن کان محروم رهيا شهر ۾ ا هلندڙ برسات ڪري ڊرينيج سسٽم ناڪاره بڻيل، برسات سبب بجلي ۽ ٽيليفون جو نظام درهم برهم، سوين نمبر خراب، تيز برسات سبب ڪچا ۽ ڪکائون گهرن کي نقصان ماڻهو پٽ تي ويٺل ڪنهن به چونڊيل نمائندي غريبن جي سهائتا نه ڪئي. خبر موجب سکر سميت سڄي سنڌ ۾ هلندڙ طوفاني برساتن جو سلسلو اندرون سنڌ جي شهرن ۾ به گذريل 5 ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري آهي. اندرون سنڌ جي شهرن سکر، روهڙي، ڪنڌرا، صالح پٽ، پنوعاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، اوٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، خيرپور، راڻي پور، گمبٽ، سيٺارجه، هنڱورجه، ٽنڊومستي، پير جو ڳوٺ، پريالو، ڳاڙهي موري، شڪارپور سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. تيز برسات پوڻ سبب هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ برسات جو پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿيڻ سبب لکين روپين جو نقصان پهتو آهي. جنهن ڪري علائقي واسي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. گذريل 5 ڏينهن کان پوندڙ برسات سبب ڪچن ۽ ڪکاون گهرن تي سخت نقصان پهتو آهي. ۽ نقصان پهتل گهرن جا رهواسي کليل آسمان هيٺ پٽ تي ويٺل آهن ۽ امداد جا منتظر آهن مگر هن وقت تائين ڪو به چونڊيل نمائندو سهائتا لاءِ ڪو نه پهتو آهي. سکر ۾ پوندڙ تيز برسات چونڊيل نمائندن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. جن سکر جي ڊرينيج سسٽم جي بحالي لاءِ ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا آهن مگر پوندڙ برسات سبب پاڻي روڊن ۽ رستن تي تلائن جا ڏيک ڏئي رهيو آهي، سکر جيل روڊ، شاليمار روڊ، ميناره روڊ، گهنٽه گهر چوڪ، اسٽيشن روڊ، پراڻو سکر، ڀٽا روڊ، بندر روڊ، نيوپنڊ، اسلام ڪالوني، نئون ڳوٺ سميت ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل رهيا ۽ روڊن تي ڪيترائي ڪيترائي فوٽ پاڻي بيٺل رهيو. روڊن تي پاني بيهي وڃڻ ڪري ٽريفڪ جي آمد و رفت معطل رهي. جڏهن ته برسات سبب اندرون سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي ۽ ٽيليفون جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي سکر جي ڪيترنئي علائقن ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان بجلي بند آهي ۽ سيپڪو اهلڪار غائب آهن. ۽ ڪمپلينٽ سينٽرن جا ٽيليفون به بند ڪري ڇڏيا آهن بجلي بند هجڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ برسات سبب سوين ٽيليفون نمبر خراب ٿي وڃڻ جا اطلاع مليا آهن.
سکر(بيورو رپورٽ)وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي چوري ٿيندي آهي. واپڊا اگر زنده آهي ته اهو صرف پنجاب جي ڪري آهي. جتي بجلي چوري نه ٿيندي آهي. ماڻهو باقاعدگيءَ سان بل ادا ڪندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مدرسه جامعه غوثيه رضويه پاران ان جي اعزاز ۾ ڏنل ظهراڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي رڪن مفتي محمد ابراهيم قادري، مشرف محمود قادر، سينيٽر اسلام الدين شيخ، ريلوي جو پارليماني سيڪريٽري نعمان اسلام شيخ ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ 5 6 2 ارب روپين جي بجلي چوري ٿيندي آهي. اگر عوام بجلي چوري ڪري ڇڏي ڏي ته لوڊشيڊنگ به ختم ٿي ويندي. خورشيد شاهه سڄي ملڪ جي علمائ ڪرام کي اپيل ڪئي ته مسجدن ۾ ويهي ڪري ماڻهن کي امن، ڀائيچاري جي ترغيب سان گڏوگڏ بجلي چوري کان روڪڻ جي به هدايت ڪن. هن چيو ته انسان کي حرام کي بچڻ کپي ڇو ته حرام جي ڪمائيءَ سان ڪڏهن به خوشحالي نٿي اچي سگهي. حڪومت ۽ عوام جو تعلق والدين جيان تعلق هوندو آهي ۽ والدين ڪڏهن به اولاد کي تڪليف ۾ نٿا ڏسي سگهن. ڪراچيءَ ۾ سرچ آپريشن مجبورن شروع ڪيو آهي. اسان نٿا چاهيون ته ڪنهن سان ڪا به زيادتي ٿي ۽ بي گناهه انسانن جو قتل عام ٿي. هن چيو ته اسان جي حڪومت روز اول کان ئي دهشتگردي ۽ ٻيا مسئلا ورثي ۾ مليا آهن. جڏهن ته صدر آصف علي زرداري جي به ڀرپور ڪوشش آهي ته سڀني کي گڏ کڻي هلڻ کپي. ۽ بحرانن تي قابو پائي سگهجي. ان ڪري اسان مفاهمت جي سياست تي عمل پيرا آهيون اسان لاءِ اقتدار کان وڌيڪ ملڪ اهم آهي ۽ اسان ڪنهن به اهڙي گروهه سان هر گز ساٿ نه ڏينداسين جيڪو پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي.
سکر(بيورو رپورٽ)آل پاڪستان مسلم ليگ ضلع سکر جي نائب صدر حاجي ماجد بٽ پاران عيد ملن پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي صدر سيد سردار علي شاهه، سٽي صدر سجاد شاهه، فهيم راجپوت سميت ڪيترائي شرڪت ڪئي ان موقعي تي رهنمائن چيو ته مشرف جو پيغام گهر گهر پهچائينداسون ۽ سنڌ ۾ تيزي سان آل پاڪستان مسلم ليگ فعال ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ ڀرپور حصو وٺندي ۽ هر تڪ تي اميدوار بيهاريا ويندا. هنن چيو ته ڪراچي ۾ خون جي هولي کيڏندڙن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان معصوم ۽ بي گناهه شهرين جو قتل عام ٿي رهيو آهي. حڪومت امن و امان بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. حڪومت کي گهرجي ته استعفيٰ ڏئي ڪري گهر هليا وڃن.
سکر(بيورو رپورٽ)سلم ليگ فنڪشنل ضلع سکر جي اڳواڻ غضنفر شاهه موسوي چيو آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ رت جي راند کي بند ڪيو وڃي دهشتگردي جي تازي لهر ۾ ڪيترائي بي گناهه ماڻهو مارجي ويا آهن مگر حڪومت دهشتگردن کي لغام ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هن چيو ته تازو برساتن سبب سنڌ جي بدين، ٺٽو، مٺي، ٽنڊو محمد خان، ميرپور خاص سميت ڪيترائي شهر متاثر ٿيا آهن جنهن ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن جن مان ڪيترن کي اڃان تائين ريليف ڪيمپن ۾ منتقل نه ڪيو ويو آهي ۽ هزارين ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل آهن. هن چيو ته جن برسات متاثرين کي ريليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ته انهن کي کاڌ خوراڪ نه پئي ملي جنهن ڪري ڪيترائي متاثرين مظاهرا ڪري رهيا آهن. هن مسلم ليگ فنڪشنل جي ڪارڪنن کي مطالبو ڪيو ته برسات متاثرن جي ڀرپور امداد ڪئي وڃي. هن سنڌ حڪومت کي مطالبو ڪيو ته عيدالفطر جي ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ مسجد، امام بارگاهن سميت چوراهن ۽ بازارن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي شر پسند عناصرن تي ڪرڙي نظر رکي سگهجي.
سکر(بيورو رپورٽ)پيپلزپارٽي روهڙي جي اڳواڻ ذيشان ڀٽو چيو آهي ته حڪومت ڪراچي ۾ امن ۽ امان بحال ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ جيڪو آپريشن شرع ڪيو ويو آهي اهو ڪنهن به سياسي پارٽي خلاف نه آهي اهو صرف ڏوهارين خلاف آهي جيڪي ڪراچي ۾ بي گناهه معصوم شهرين جي جانين سان کيڏي رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي جو هر صورت ۾ امن و امان بحال ڪيو ويندو ۽ ڪنهن جي به سياسي دٻاءُ ۾ اچڻ بدران دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ڇو ته انساني زندگي اسان لاءِ اهم آهي ان لاءِ صدر آصف علي زرداري پاران ڪراچي ۾ امن بحال ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي خاص هدايتون جاري ڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جي 6 ضلعن بدين، ميرپور خاص، دادو، ٺٽو، مٺي، ٽنڊو محمد خان جي لکين برسات متاثرن جي امداد ڪئي پئي وڃي ۽ پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ريليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪري انهن جي کاڌ خوراڪ سميت دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن. پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي عوام کي اهڙي ڏکي وقت ۾ اڪيلو ڪو نه ڇڏيندي ۽ انهن جي ڀرپور مالي امداد ڪئي وين.
سکر(بيورو رپورٽ)عيد جي موقعي تي غريب ۽ مستحق ماڻهو زڪوات جي رقم کان محروم ضلعي چيئرمين گذريل ڪيترن ئي ميهنن کان لاپته، عيدالفطر جي موقعي تي ضلع سکر جا هزارين غريب ۽ مستحق مانهو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي. ۽ انهن جي گهرن تائين فاڪه ڪشي جي نوبت اچي چڪي آهي ۽ زڪوات جي رقم نه ملڻ ڪري غريب عيد جون خوشيون نه ملهائي سگهندا. جڏهن ته ضلعي چيئرمين زڪوات گذريل ڪيترن ئي مهينن کان لاپتا آهي ۽ هزارين غريب سندس آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن عيد جي موقعي تي غريب ماڻهن کي پئسا نه ملڻ ڪري غريب سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ عيد ڪو نه ملهائي سگهندا. ٻئي طرف هزارين غريب عورتن ۽ مردن ضلعي چيئرمين خلاف احتجاج ڪندي کيس پاراتا ڏنا آهن.
سکر( بيورورپورٽ) سکر ۾ عيد جي ٽئين ڏينهن تي شهر جي ريلوي گرائونڊ ورڪشاپ روڊ تي هڪ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 1 2 سالن جو وسيم احمد فوت ٿي ويو جنهن جي گهر ۾ خبر پوڻ شرط ڪهرام مچي ويو