ڪراچي

سيد منور حسن برسات سٽيل ضلعن جي عهديدارن جواجلاس سڏائي ورتو ٿيل نقصان،امدادي سرگرمين جو جائزو ۽ اڳتي جي رٿا بندي ڪئي ويندي: ترجمان جماعت اسلامي سنڌ

southasiannewsagencyڪراچي: جماعت اسلامي طرفان سنڌ ۾ طوفاني برسات سبب ٿيل جاني توڙي مالي نقصان جي جائزي ۽ امدادي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ برسات کان متاثر ضلعن جي پارٽي عهديدارن جو هڪ اهم اجلاس ڇنڇر ڏينهن سترنهن سيپٽمبر تي منجهد 2 وڳي صوبائي دفتر قباءِ آڊيٽوريم ۾ سڏائي ورتو..صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب اجلاس جي صدارت جماعت اسلامي جو مرڪزي امير سيد منورحسن شاهه ڪندو.ان موقعي تي سنڌ جي برسات سٽيل ضلعن ۾ ٿيل نقصان توڙي جماعت اسلامي ۽ الخدمت فائونڊيشن طرفان ڪيل امدادي سرگرمين جو جائزو ۽ اڳتي جي رٿابندي پڻ ڪئي ويندي.ياد رهي ته اڄ جماعت اسلا مي جي اپيل تي جمعي جي ڏينهن برسات سميت قدرتي آفتن کان بچاءَ لاءِ يوم دعا طور ملهايو ويو.جنهن ۾ جمي جي نماز کان پوءِ خاص طور تي دعائون ڪيون ويون جڏهن ته علماءِ ڪرام پنهنجي جمعي جي خطبي ۾چيو ته قدرتي آفتون اسان جي اعمالن جو نتيجو آهن تنهن ڪري اسان کي وڌ کان وڌ استغفار پڙهڻ گهرجي،انهن ڌڻي در قدرتي آفتن کان پناهه ڏيڻ جون دعائون پڻ گهريون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button