مختصر خبرون

سيد منورحسن 5 آڪٽوبر تي ڪشمور پهچندو

ڪراچي: جماعت اسلامي پاڪستان جو امير سيد منورحسن 5 آڪٽوبر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪشمور پهچندو.جتي هو صبح جو ڏهين وڳي پراڻي نيشنل بينڪ چوڪ تي هڪ عظيم الشان جلسه عام کي خطاب ڪندو،جلسي کي صوبائي امير مولانا اسدالله ڀٽو سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.جماعت اسلامي ضلعي ڪشمور جي اميرحاجي عبدالوهاب جکراڻي موجب امير جماعت جي دوري ۽ جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن.ان حوالي سان چاڪنگ،هينڊ بل ۽ پوسٽر پڻ لڳايا پيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button