سول اسپتال ٺٽي ۾ ڊينگي جي ليبارٽري چارج 250 روپين مان گھٽائي 100 روپيه مقرر. ٻوڏ متاثرن ۽ غريبن لاءِ اها خدمت مفت مهيا هوندي.
ٺٽو: سنڌ جي ثقافت واري وزير ۽ چيئرپرسن ضلعي ريليف مانيٽرنگ ڪميٽي ٺٽو سسئي پليجو ضلعي جي ڊي سي او، صحت کاتي ۽ ٽي ايم ايز تي زور ڏنو آهي ته عوام کي ڊينگي، مليريا ۽ ٻين پکڙجندڙ بيمارين کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ ان ڏس ۾ هر هنڌ اسپري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جو برسات ۽ ٻوڏ متاثر عوام هن وقت ڊينگي جھڙي خطرناڪ مرض کي منهن نٿو ڏئي سگھي. اهڙيون هدايتون هن اڄ دربار هال مڪلي ۾ ڊينگي کان بچاءُ لاءِ احطياتي اپائن جو جائزو وٺڻ متعلق منعقد ڪيل هڪ اعلٰي سطحي اجلاس ۾ جاري ڪيون. اجلاس ۾ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، اي ڊي او صحت ڊاڪٽر ناصر جلباڻي، اي ڊي او ورڪس شفيق الرحمان کنباٽي ۽ ٽي ايم ايز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير ٻڌايو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري گذريل ڏينهن ضلعي ٺٽي جي چونڊيل نمائندن سان ٽيلي ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ صدر مملڪت عوام کي ڊينگي، مليريا ۽ ٻين بيمارين کان بچائڻ لاءِ حفاظتي اپاءُ اختيار ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن. هن ٻڌايو ته صدر پاڪستان کي گذارش ڪئي ويئي آهي ته ضلعي ٺٽي کي مليريا اسپري جون 10 وڏيون مشينون ۽ 10 ليٽر اسپري ڪرڻ جا 500 پمپ مهيا ڪيا وڃن ته جيئن پوري ضلع ۾ مليريا ۽ ڊينگي کان بچاءُ لاءِ اسپري ڪري سگھجي. صوبائي وزير ان ڏس ۾ ضلعي انتظاميه، صحت کاتي ۽ ٽي ايم ايز کي هدايت ڪئي ته موجود وسيلا قطب آڻي ضلع ۾ هر هنڌ مليريا ۽ ڊينگي کان بچاءُ لاٰءِ جنگي بنيادن تي اسپري شروع ڪيو وڃي. هن ٽي ايم ايز کي سختي سان چيو ته ضلعي جي سڀني شهرن مان برسات جو جمع ٿيل پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ٽي ايم ايز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي سڀني لاءِ مثالي قرار ڏنو ۽ ٻين کي به ان تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير، اي ڊي او صحت کان ڊينگي وائرس جي سڃاڻپ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان پڇيو جنهن جي جواب ۾ صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته سول اسپتال ٺٽي ۾ ڊينگي وائرس جي شڪي مريضن کان ان بيماري جي شناخت جي مد ۾ ليب چارجز 250 روپيه ورتا پيا وڃن. ان موقع تي ڊي سي او ٺٽو چيو ته ضلعو ٺٽو پاڪستان ۾ غربت جي لحاظ سان ٻين پوزيشن تي آهي ۽ ان جو غريب عوام وڏي چارجز ادا نٿو ڪري سگھي. هن اجلاس کي ٻڌايو ته هو اڳ ئي سول اسپتال ۾ ڊينگي سان گڏ بيماري جي سڃاڻپ لاءِ ليب چارجز گھٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري چڪو آهي ڇو ته سول اسپتال جي ليبارٽري چارجز جي مد ۾ 5.8 ملين روپيه موجود آهن. اجلاس ۾ ڄاڻايل ليبارٽري ۾ ڊينگي جي شڪي مريضن کان وصول ٿيندڙ 250 روپيه ليب چارجز کي گھٽ ڪري 100 روپيه مقرر ڪيو ويو ۽ برسات متاثر ۽ غريب ماڻهن کي ان فيس کان آجو قرار ڏنو ويو. صوبائي وزير ڊي سي او ٺٽو کي هدايت ڪئي ته عوام کي مليل هن سهولت جو خود جائزو وٺندو رهي. هن ڊينگي وائرس ۽ مليريا کان بچاءُ لاءِ ماڻهن ۾ شعور ۽ آگاهي ڏيڻ لاءِ ميڊيا مهم شروع ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.