سنڌ گدڙن ناهي کاڌي جو پاڻ کي وائسراءِ سڏائيندڙ رحمان ملڪ سنڌ جا فيصلا ٿو ڪري: سنڌياڻي تحريڪ
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ)عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران رحمان ملڪ ۽ آبپاشي ۽ ڊرينيج عملي خلاف ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي رحمان ملڪ جي پتلي کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو ان موقعي تي احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ انور سومرو، اشرف پليجو، صاحب خان کوسو، بلاول لاشاري، سنڌياڻي تحريڪ ٺٽي جي صدر سلمي لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ گدڙن ناهي کاڌي جو پاڻ کي وائسراءِ سڏائيندڙ رحمان ملڪ سنڌ جا فيصلا ٿو ڪري ، هنن چيو ته سنڌ جي فيصلي جو ڪنهن کي به اختيار ڪونهي ۽ نه ئي سنڌ دهشتگردن حوالي ڪرڻ ڏني ويندي، هنن چيو ته سنڌ جي فيصلي جو ڪنهن کي به اختيار ڪونهي ۽ نه ئي سنڌ دهشتگردن حوالي ڪرڻ ڏني ويندي هنن چيو ته سنڌ هوشو، هيمون ۽ دريا دودي جي آهي ۽ سنڌ جو 6 ڪروڙ عوام هڪ زنجير ٺاهي دهشتگردن کي سوڙهو ڪندو ته کين سواءِ سمنڊ جي ٻيو ڪو به رستو نه ملندو، جڏهن ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران سنڌ ۾ برسات ۽ گهارن جي تباهي جو ذميوار آبپاشي ۽ ڊرينيج کاتي کي قرار ڏيندي چيو ويو ته عملدارن جي نا اهلي ڪري سنڌ جو عوام مصيبت جي گهڙي ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهي ۽ دربدري واري زندگي گهاري رهيو آهي هنن چيو ته هو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ سان ٿيندڙ سازشن کي برداشت نه ڪندا ۽ هر محاذ تي مهاڏو اٽڪائي آخري دم تائين ويڙهه ڪندا. جڏهن ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران ٺٽي جي بيروزگارن جي حمايت ۾ اعلان ڪندي سندن هر ممڪن ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو، ان موقعي تي هڪ ڪلاڪ قومي شاهراهه بند رهڻ ڪري ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون.