سکر

سنڌ سوشل ويلفيئر کاتي جي صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان بيت المال پاڪستان طرفان يتيم ٻارن لاءِ سکر ۾ کوليل سوئيٽ هوم جو دورو ڪيو

Sukkurسکر(بيورورپورٽ)سنڌ سوشل ويلفيئر کاتي جي صوبائي وزير نرگس اين ڊي خان بيت المال پاڪستان طرفان يتيم ٻارن لاءِ سکر ۾ کوليل سوئيٽ هوم جو دورو ڪيو. صوبائي وزير انهيءَ موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اهڙن فلاحي ڪمن کي هميشه جمهوري حڪومتن ۾ هٿي ڏني ويندي آهي. اهڙا گهڻا ادارا عوامي جمهوري حڪومت ۾ ئي ٺاهيا ويندا آهن. عوامي نمائندن کي وري عوام وٽ ئي واپس اچڻو هوندو آهي. اسان جي جمهوري حڪومت جو اهو ئي منشور آهي ته اسان ملڪ جي ٻارن کي سٺا شهري بنايون ته جيئن هو ملڪ ۽ قوم جا معمار بڻجي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن. هي خير جو ڪم آهي ٻار اسان جو سرمايو آهن. هنن يتيم ٻارن جو سهارو اسان آهيون. اسان کي هنن ٻارن جو هر طرح سان خيال رکڻ گهرجي. هنن ٻارن جو شاندار مستقبل سنوارڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ هميشه منفي پرو پيگينڊا ڪئي ويندي آهي، اسان جي مثبت خدمتن کي به سارائڻ گهرجي ته جيڪڏهن اين جي اوز ڪم ڪيو آهي ته اهي پنهنجي ڪم جو رزلٽ ڏيکارين ته جيئن ڀلائيءَ جي ڪمن کي هڪ ٻئي جي تعاون سان ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح 50 ڏينهن جو ڪم پنجن ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿو. اسان کي ڀلائي جي ڪمن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ سان گڏو گڏ ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي سوچن ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي، اسان پاڪستان سان آهيون. پاڪستان اسان سان آهي. اسان جي قوم سڀ ڪجهه سمجهي چڪي آهي. ميڊيا حقيقت کي ڏيکاري رهي آهي. ڊسٽرڪٽ آفيسر بيت المال سکر شبير احمد ميمڻ انهيءَ موقعي تي ٻڌايو ته سوئيٽ هوم جي رهندڙ ٻارن کي سٺي تربيت، پرورش، رهائش، کاڌو خوراڪ سان گڏو گڏ سکر جي بهترين کان بهترين اسڪول ۾ تعيلم ڏني ويندي. هنن ٻارن ۾ اهي يتيم ٻار شامل آهن. جن جي عمر 4 کان 6 سال هوندي، هنن ٻارن کي تعليم ڪي جي کان گريجوئيشن تائين بيت المال پاڪستان طرفان ڏني ويندي. هن وقت سوئيٽ هوم ۾ 50 ٻار داخل ٿي چڪا آهن ۽ ٻيا 50 ٻار داخل ڪيا ويندا. بيت المال پاڪستان طرفان اهڙيءَ قسم جا اسڪول ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڪراچي ۾ پڻ کوليا ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن خير جي ڪم ۾ ڊي سي او سکر، تعليم کاتو، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا ادارا پڻ سهڪار ڪري رهيا آهن. جڏهن ته وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه جي سهڪار سان سکر بلڊ بينڪ مان رهائش پزير ٻارن جي رت جي چڪاس پڻ ڪرائي وئي آهي. جڏهن ته ڪنهن به قسم جي بيماريءَ جي صورت ۾ ٻارن جو مڪمل طور تي علاج سکر بلڊ بينڪ مان ڪرايو ويندو. وفاقي وزير يتيم ٻارن جي هر قسم جي سهڪار کان علاوه سوئيٽ هوم جي ٻارن کي اسڪول تائين پهچائڻ لاءِ 55 لکن جي بس مهيا ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button