سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ شديد ۽ طوفاني برساتن کان علاوه سم نالن جا بند ٽٽڻ سان تباهي ، لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن
سکر(بيورورپورٽ)سنڌ ۾ شديد برساتون پوڻ ڪري ڪيترائي علائقا ٻوڏ واري صورتحال ۾ آهن. جڏهن ته سکر سميت اندرون سنڌ جا ڪيترائي ضلعا واهه بند ٿيڻ ڪري خشڪ سالي جي ور چڙهيل آهن. ڪمند ۽ ڪپهه جي فصلن کي پاڻي نه ملڻ ڪري آبادگارن کي شديد مالي نقصان جو خدشو، خبر موجب گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ جتي شديد ۽ طوفاني برساتن کان علاوه سم نالن جا بند ٽٽڻ سان تباهي مچي چڪي آهي ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن اتي انهن ضلعن کي وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سکر بئراج مان نڪرندڙ واهه جنهن مان نارا ڪينال به شامل آهي ان کي بند ڪيو ويو آهي. ڇو ته سکر بيراج مان نڪرندڙ واهه نارا ڪينال ۽ ٻيا واهن جو پاڻي سانگهڙ، ميرپور خاص، نواب شاهه، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ زراعت کي سيراب ڪندي گذرنديون آهن. مگر صورتحال تبديل ٿيڻ تي انهن واهن کي فوري طور بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سکر، گهوٽڪي، خيرپور ضلعن جا ڪيترائي علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ معمولي برسات پئي ۽ انهن علائقن ۾ زرعي آبپاشي جو سڄو دارو مدار نارا ڪينال ۽ ٻين واهن جي پاڻي سان وابسته آهي ۽ واهه مسلسل بند هجڻ ڪري ٻين ضلعن خاص ڪري سکر جو تعلقو روهڙي ۽ صالح پٽ جي علائقن ۾ لکين ايڪڙن تي ڪمند ۽ ڪپهه جي فصلن کي پاڻي جي عدم فراهمي جي ڪري اهي فصلون خشڪ سالي جو شڪار آهن، نارا ڪينال مان زمينون آباد ڪندڙ آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي قلت جي ڪري انهن جي تيار فصل تباهي جي ڪناري پهچي چڪي آهي ۽ اگر ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين واهن جي صورتحال اها رهي ته ڪمند ۽ ڪپهه جون فصلون سڪڻ سان گڏ مالي بحران جو شڪار ٿي ويندا. جڏهن ته علائقي جي شوگر ملن کي گهربل ضرورت جي مطابق ڪمند فراهم ڪري نه سگهنداسين.