ٺٽو

سنڌ جي ناليواري شخصيتن نڌ جي سياحت کي نظرانداز ڪرڻ واري حڪومتي پاليسي تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

Sindh Tourismٺٽو(سجاد علي ميمڻ) سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪارن ماحولياتي ماهرن اديبن توڙي دانشورن سنڌ جي سياحت کي نظرانداز ڪرڻ واري حڪومتي پاليسي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سنڌ جي تاريخي سياحت جي مرڪزن ۽ قديم ماڳن کي بهتر بنائڻ ۽ ماحوليات جا مسئلا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ جي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عوامي سطح تي جاڳرتا مهم هلائي ويندي ماحوليات تي ڪم ڪندڙ عالمي اداري ڊبليو ڊبليو ايف پاران سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪينجهر ڍنڍ تي منعقد ٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار بدر ابڙو چيو ته سنڌ ۾ 2 هزار کان مٿي تاريخي تفريحي ماڳ آهن جن مان 2 سئو ماڳ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي سان تعلق رکن ٿا پر انتهائي افسوس آهي جو انهن تاريخي ماڳن کي مڪمل طور تي حڪومتي سطح تي نظرانداز ڪيو ويو آهي هن چيو ته هٿ وٺي منظم سازش تحت سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو ظاهر ڪري سياحت کي ترقي وٺرائڻ کان محروم رکيو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ ڌرتي صوفين ۽ درويشن امن ۽ شانتي واري ڌرتي رهي آهي هن چيو ته آرڪيالاجي کاتو سنڌ جي سياحت ۽ قديم آثارن کي بهتر بنائڻ بدران وڌيڪ نقصان رسايو آهي ۽ اسان سنڌ واسين کي اڳتي وڌي پنهنجي ماڳن جي پاڻ حفاظت ڪرڻ گهرجي ايئن نه ٿئي جو سنڌ جي تاريخي ماڳ ۽ نوري ڄام تماچي جي داستان سان واڳيل ڪينجهر ڍنڍ جو حشر به منڇر ڍنڍ جهڙو ٿي نه وڃي ان موقعي تي ناليواري اديب ۽ محقق رسول بخش درس خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ جيان ٺٽي ضلعي اندر تاريخي ماڳن آثارن ۽ سياحت جي مرڪزن بابت تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته حڪومتي اعلان صرف بيانن تائين محدود آهن باقي عملي طور تي سنڌ جي ماڻهن کي ئي ڪجهه ڪرڻو پوندو، ماحوليات جي ماهر ناصر پنهور چيو ته سڄي دنيا ۾ تيزي سان ماحولياتي تبديليون سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي آثارن تي پڻ اثر انداز ٿي رهيون آهن ۽ تيزي سان ڪينجهر ڍنڍ سميت سنڌ جي تاريخي ماڳن کي ڪيترائي ماحولياتي خطره درپيش آهن جنهن لاءِ لاپرواهي واري سوچ ختم ڪري اسان کي سرڪار تي ڀاڙڻ بدران سول سوسائٽيز کي ان لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پندو تقريب کي سياحت کاتي جي جمال پنهور ، راحيلا ميمڻ، ڊبليو ڊبليو ايف ٺٽو جي انچارج حفيظ الله ، بلقيس کٽي، غلام رسول کتري ۽ ٻين چيو ته انتها پسندي ۽ لاپرواهي واري سوچ جو خاتمو آڻي سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو جو اڄ هتي سرڪارنه پر سول سوسائٽي موجود آهي اچو ته پنهنجي ماڳن جي مالڪي ڪريون نه ته سنڌ مان سياحت موڪلائي ويندي ان موقعي تي ٺٽي جي مختلف سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سياحت جي حوالي سان تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button