سنڌ جا ماڻهو گذريل سال ٿيندڙ تباهه ڪن ٻوڏ جي اثر مان اڃان نڪتا ئي ناهن ته تازو برساتن انهن جي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي: مولانا فضل الرحمان
سکر(بيورورپورٽ)جي يو آءِ جي قائد ۽ قومي ڪشمير جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان پاران سنڌ ۾ ٿيندڙ شديد برساتن جي نتيجي ۾ ٿيڻ واري وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي ملڪ جي عوام ۽ ڪارڪنن سان گڏوگڏ پوري دنيا جي مسلمانن کي اپيل آهي ته هو سنڌ جي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪن. مولانا فضل الرحمان اها اپيل جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سان ٽيليفون تي گفتگو ڪندي ڪئي. فضل الرحمان چيو ته سنڌ جا ماڻهو گذريل سال ٿيندڙ تباهه ڪن ٻوڏ جي اثر مان اڃان نڪتا ئي ناهن ته تازو برساتن انهن جي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جي يو آءِ سنڌ جي پريس ترجمان مولانا عبدالحق مهر پاران جاري ڪيل بيان مطابق مولانا فضل الرحمان حڪومت تي به سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي آهي ته اها اڃا صحيح نموني سان برسات جي متاثرن جي مدد نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي برسات جي ٿيندڙ نقصان جو صحيح اندازو پيش ڪري سگهي آهي. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته هو فوري طور تي سنڌ ۾ آيل تباهي جو مڪمل جائزو بين الاقوامي برادري اڳيان آڻي ۽ متاثرن جي هنگامي بنيادن تي موثر طريقي سان امداد ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ جي يو آءِ حڪومت جي هر قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جي يو آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي اپيل تي سنڌ جي برسات متاثرن ڀائرن جي مدد لاءِ جي يو آءِ رهنما صنعت ۽ تجارت جي مرڪزي صدر سينيٽر حاجي غلام علي جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهي ويئي آهي. جنهن فوري طور تي ڪم شروع ڪندي متاثرن لاءِ هڪ ڪروڙ روپين کان وڌيڪ فنڊ گڏ ڪيو آهي. مولانا حيدري چيني صوبائي تنظيمن ڪشمير ، گلگت بلتستا جي ساٿين کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي ڀائرن جي مدد لاءِ ڀرپور سرگرميون شروع ڪيون وڃن. هن چيو ته سنڌ جو عوام هن مصيبت جي گهڙي ۾ اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهي. هن حڪومت ۽ ٻين ديني،سياسي، سماجي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته سنڌ جي متاثر عوام جي مدد لاءِ ميدان ۾ اڳتي اچن.