ٺٽو

سم نالن جو پاڻي اٿل کائي ڍنڍون ٻورڻ کان پوءِ گهوڙاٻاري تعلقي جي 65 ڳوٺن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو

Rainٺٽو(رپورٽ سجاد علي ميمڻ): ٺٽي ضلعي اندر ڪاروگونگهڙو سم نالي کان پوءِ گهوڙاٻاري آئوٽ فال ڊرين سم نالو ٺٽي ضلعي لاءِ ڪارونانگ بڻجي ويو سم نالن جو پاڻي اٿل کائي ڍنڍون ٻورڻ کان پوءِ گهوڙاٻاري تعلقي جي 65 ڳوٺن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ڊي سي او ٺٽو پاران علائقي جو دورو ڊرينيج کاتي جي ناقص حڪمت عملي تي ناراضگي ظاهر ڪندي داروغو ۽ اسسٽنٽ انجنيئر کي معطل ڪري ڇڏيو ، گهارا بند ڪرڻ جو حڪم، رپورٽ موجب ٺٽي ضلعي جي حدن اندر تازين برساتن کان پوءِ سم نالن جي تباهين جو سلسلو بدستور جاري آهي ٺٽي ميرپورساڪرو ۽ گهوڙاٻاري تعلقن جي سم ۽ برسات جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪندڙ گهوڙاٻاري آئوٽ فال ڊرين جي اٿل سبب ان کي مهر ڳوٺ ويجهو پنج مخلتف گهارا پئجي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ گهوڙاٻاري تعلقي جي يوسي مهر جون 10 ديهون مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويون آهن جڏهن ته ملاح ، جت، ڊوڪي، ڌانڌل ، رند ، عمراڻي ، جوکيا، شورا ، شودا، لاڙڪ، خاصخيلي، هولاڻي، سيد، جوکيا، ماڇي ۽ ٻين برادرين جا 65 ڳوٺ ٻڏي ۽ ماڻهو پاڻمرادو بي ياروممدگار بڻجي ڪنارن ۽ ڪپرن تي منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن ٻئي طرف گهارن جي اطلاع تي ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي روينيو ۽ ڊرينيج کاتي جي عملي سان گڏجي علائقي جو دورو ڪيو ۽ گهارن جي هنڌ تي پهچي سخت ناراضگي ظاهر ڪندي ڊرينيج کاتي جي اسسٽنٽ انجنيئر عقيل ميمڻ ۽ حد جي داروغي کي فوري طور معطل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ۽ چيو ته هي تباهي قدرتي نه پر سرڪاري اداري ڊرينيج کاتي جي اتنظاميا جي نا اهلي جي ڪري ٿي رهي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ فوري طور تي گهارا بند ڪريا ويندا جڏهن ته ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن دانيهندي چيو ته سندن ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري صورتحال خراب آهي سندن واهر ڪئي وڃي جنهن تي ڊي سي او مختيارڪار کي متاثر ڳوٺن جي سروي ڪري 24 ڪلاڪ اندر کيس رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button