ٺٽو

سسئي پليجو جو ضلعي انتظاميه سان گڏ ريليف ڪيمپ جو دورو. ٻن بيمار عورتن سميت پنجن مريضن کي اسپتال منتقل ڪرايو.

Sindh Minister for Culture visit of Relief Camp 2ٺٽو: سنڌ جي ثقافت واري وزير ۽ چيئرپرسن ضلعي ريليف مانيٽرنگ ڪميٽي ٺٽو سسڻي پليجو اڄ مڪلي تي زير تعمير ڊسٽرڪٽ جيل اندر بدين جي ٻوڏ متاثرين لاءِ قائم ڪيل ريليف ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ ڪيمپ ۾ بيمار پيل ٻن عورتن سميت پنجن ڄڻن کي پنهنجي نگراني هيٺ علاج خاطر اسپتال منتقل ڪرايو. دوري دوران ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، اي ڊي او روينيو ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال ۽ اي ڊي او آئي ٽي علي احمد بلوچ صوبائي وزير کي ٻڌايو ته اربع تائين ڪيمپ ۾ بدين جي مختلف علائقن مان 221 خاندانن جا 1219 ماڻهو پهچي چڪا آهن جن کي کاڌ خوراڪ وغيره مهيا ڪئي پيئي وڃي. صوبائي وزير ان موقعي تي ڪيمپ اندر وڃي ٻوڏ متاثر عورتن کان حال احوال ورتا جنهن دوران صوبائي وزير کي آگاهي ملي ته هڪ عورت گل بانو ملاح پيٽ سان هئي جنهن جو ٻار پيٽ ۾ فوت ٿي ويو آهي ۽ اها ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هئي. صوبائي وزير ڪيمپ جي نگراني ڪندڙ عملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گل بانو سان گڏ مليريا جي بخار ۾ ورتل هڪ ٻي عورت شهناز ملاح سميت 5 بيمار ماڻهن کي پنهنجي نگراني هيٺ اسپتال منتقل ڪرايو ۽ سندن بهتر علاج لاءِ هدايت ڪئي. صوبائي وزير صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر ڪيو ۽ ڊي سي ٺٽو کي ڪيمپ اندر مڇر مار اسپري ڪرائڻ، پاڻي ۽ دوائون جھجھي تعداد ۾ مهيا ڪري هڪ سرڪاري ڊاڪٽر هر وقت موجود رکڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي او ٺٽو ٻوڏ متاثرن کي خيما، ليٽرين جي سهولت وغيره مهيا ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو. صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته قدرتي آفتن جو همت سان مقابلو ڪبو ۽ ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏبو. هن ڊرينيج کاتي ڪي ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جو پڻ چيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button