ڪراچي

سرندي وارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن .ڊاڪٽر سيد وسيم اختر

Khidmat Tentڪراچي: جماعت اسلامي جو مرڪزي سڪريٽري جنرل لياقت بلوچ سنڌ جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڇنڇرتي(اڄ) ڪراچي پهچندو.صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب هو 18۽ 19 سيپٽمبر تي سنڌ ۾ طوفاني برساتن کان متاثر ضلعن جو تفصيلي دورو ڪندو جتي هو هيل تائين الخدمت فائونڊيشن طرفان برسات سٽيلن جي امداد ۽ بحالي لاءِ ڪيل امدادي سرگرمين جو جائزو وٺندو.صوبائي امير اسدالله ڀٽو،الخدمت فائونڊيشن جا ٻيا عهديدار پڻ ساڻس گڏ هوندا.
هوڏانهن جماعت اسلامي پنجاب طرفان سمورن ضلعن ۾ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ رليف ڪئمپ لڳايا پيا وڃن،جماعت اسلامي پنجاب جي امير ۽ اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽرسيد وسيم اختر مڙني عهديدارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته هو هن مصيبت جي گهڙي ۾ ڦاٿل پنهنجي سنڌي ڀائرن جي واهر لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن .هن پنجاب جي عوام کي پڻ اپيل ڪئي ته هو دل کولي برسات سٽيلن جي مدد لاءِ اڳتي اچن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button