سامراجي طاقتون عالم اسلام جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهيون آهن: مولانا فضل الرحمان
سکر(بيورورپورٽ)جي يو آءِ جي مرڪزي امير ۽ قومي ڪشمير ڪاميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سامراجي طاقتون عالم اسلام جي وسلن تي قبضو ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهيون آهن. ليبيا کان پوءِ ڪنهن چوٿين اسلامي ملڪ کي نشانو بڻائڻ جون تياريون ڪيون وڃن ٿيون پر اسان جا حڪمران آمريڪا جي پوڄا پاٽ ۾ مگن آهن. امت مسلمه بيدا ٿي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي اباڻي ڳوٺ عبدالخيل ۾ جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻن مولانا عبدالحق مهر ، مولانا عبدالڪريم عباسي، مولانا غلام علي، قاري عبدالغفار سومرو، مولانا سعود افضل هاليجوي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ملندڙ الڳ الڳ وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. سکر ۾ جي يو آءِ جي پريس ترجمان پاران جاري ٿيندڙ هڪ بيان جي مطابق مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چي ته پاڪستان جي خلاف به گهري سازشون ڪيون وڃن ٿيون. ۽ پاڪستان جو گهيرو تنگ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. افغانستان کان پوءِ پاڪستان کي انتها پسندي جو ڳڙهه قرار ڏيڻ ان جو ثبوت آهي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت وانگر موجوده حڪومت به ملڪ ۽ ملت جي بجاءِ سامراجي مفادت کي تحفظ جي پاليسي اپنائي ڪري نه رڳو قوم پر پوري امت مسلمه کي مايوس ڪيو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي جارحيت پسندانه پاليسيون ناڪام ٿينديون. طاقت جي بنياد تي قومون کي گهڻي دير تائين غلام نٿو بڻائي سگهجي. مولانا فصل الرحمان ملڪ جي موجوده صورتحال کي گهمبير قرار ڏيندي چيو ته هي آمريڪا نواز پاليسين جو نتيجو آهي. پر افسوس آهي ته حڪومت هاڻي به ان جو سنجيده نوٽيس وٺن لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته جي يو آءِ هي مطالبو ڪري ٿي ته ملڪي وحدت جي بقا جي لاءِ فرسوده پاليسيون جلد تبديل ڪيون وڃن. مولانا فضل الرحمان سنڌ ۾ حاليه شديد برساتن جي نقصان تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي متاثره خاندانن جي فوري مدد ڪن. مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻن پاران سنڌ جي دوري جي دعوت قبول ڪندي چيو ته هو انشاءَ ا لله آئينده نومبر ۾ سنڌ جو دورو ڪندو.