ٽنڊو ڄام

زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ، ملڪ جي اهم زرعي، سائنسي ۽ تحقيقي ادارن کي تربيت يافته افرادي قوت فراهم ڪري رهي آهي : وائيس چانسلر ڊاڪٽر

Zarai Universityٽنڊوڄام: لاهور جي نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ مختلف گروپس ۾ سينئر سول آفيسرس پاران 95 نيشنل مينيجمينٽ ڪورس ۾ تربيت حاصل ڪرڻ دوران اندرون ملڪ اسٽڊي ٽوئر جي حوالي سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو مطالعاتي دورو ڪيو ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل سميت يونيورسٽي جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ فيڪلٽي ميمبرس ۽ عملدارن جن ۾ محمد انور گورايا، مس رخسانه شاهه، ڊي آئي جي اي ڊي خواجه، ڊي آئي جي بشير احمد ميمڻ، احمد يارخان، برگيڊيئر محمد فياض، ڊي ايم جي گروپ جي ڪيپٽن رٽائرڊ محمد آفتاب، اعجاز علي خان، ارباب محمد عارف، اورنگزيب حق، رضوان بشير خان، شعيب احمد صديقي، عثمان علي، پي ايس پي آفيسرس سيد اختر علي شاهه، ڪيپٽن عارف نواز خان، بشير احمد، شوڪت حيات، سيڪريٽريٽ گروپ جي سهيل قدير صديقي، ايف ايس پي گروپ جي اياز حسين، پي اي اينڊ اي ايس گروپ جي سيد محمد ايوب، محمد حاصل ڪورائي، شمس الزمان شاهه، ۽ ٻين گروپن مان سيد عظمت علي شاهه، سيد انظر اسماعيل رضوي، وحيد اختر انصاري، احمد خان، نظام الدين . خان محمد مهر ۽ سريلنڪا جي مس ليلواني رامن يانڪي شامل هئا. سينيٽ هال ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل سان ملاقات دوران وائيس چانسلر آفيسرس کي يونيورسٽي بابت ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته يونيورسٽي، ملڪ جي اهم زرعي، سائنسي ۽ تحقيقي ادارن کي تربيت يافته افرادي قوت فراهم ڪري رهي آهي ۽ يونيورسٽي جي شعبن ۾ تحقيقي ۽ تدريسي عمل ذريعي زراعت، لائيواسٽاڪ سميت ٻين شعبن ۾ ٿيندڙ تحقيق جو فائدو ملڪي ادارن کي ملي رهيو آهي، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالوجي، مارڪيٽنگ ۽ ملڪي ترقي تعمير جي انگ اکرن تي ڪافي تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ملڪ مان عربت جي خاتمي ۽ کاڌ خوراڪ جي ڪمي کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڳوڙهي تحقيق ڪئي پئي وڃي ۽ خاص طور تي فوڊ ٽيڪنالوجي شعبي وسيلي ٻهراڙين جي ترقي گهريلو عورتن کي مختلف شين تي ڪورس ڪرائڻ ۽ گهريلو صنعت کي هٿي وٺرائڻ واري رجحان بابت تحقيقي ڪم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بين ادارن توڙي يونيورسٽين سان گڏجي به اعليٰ تدريسي ۽ تحقيقي عمل کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، هن ٻڌايو ته زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم ڏيندڙ تدريسي عملو به دنيا جي ڪيترين يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هي ادارو خاص طور تي هارين ۽ پورهيتن جي اولاد کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجا وسيلا ڪتب آڻي رهيو آهي ۽ محدود وسيلن جي باجود زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام سنڌ صوبي، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، ڪشمير، گلگت بلتستان، فاٽا سميت ملڪ ۽ ٻين ملڪن جي شاگردن جي لاءِ تعليم جو وسيلو بڻجندو رهيو آهي ۽ زرعي ترقي ۾ زرعي يونيورسٽي جو ڪردار بهترين رهيو آهي، ان موقعي تي وفد کي انتظامي بلاڪ، اينيمل پراجيڪٽ ٽيڪنالوجيز، فوڊ ٽيڪنالوجي، انفارميشن ٽيڪنالوجي سميت مختلف شعبن جو دورو ڪرايو ويو، هوڏانهن زرعي يونيورسٽي پاران پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر رحيم بخش ميربحر، ڊاڪٽر قاضي سليمان ميمڻ، ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر ۽ مختلف فيڪلتين جا ڊين، پروفيسرز، انتظامي عملو پڻ موجود هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button