سکر

زرداري جو ٻاھرئين ملڪ مان علاج ڪرائڻ عوام سان وڏي دشمني آهي: ممتاز علي خان ڀٽو

Mumtaz bhuttoسکر(بيورورپورٽ) سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين نواب ممتاز علي خان ڀٽو هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جڏهن ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌ جا غريب مسلسل ٻيو سال به ٻوڏ جو شڪار بڻيا آهن. انهن لاءِ دعائون گهرڻ ته ٺيڪ آهي پر زرداري طبي معائني لاءِ برطانيه وڃي پنهنجي ساٿين سميت ڪروڙين روپيا اهڙي طبي معائني تي خرچ ڪري جيڪو ملڪ جي اندر چند هزارن ۾ ٿي سگهي پيو. اها عوام سان وڏي دشمني آهي. هر طرف عوام پنهنجا معصوم ٻچا بک کان بچائڻ لاءِ ٻين جي درن تي ڦٽي ٿو ڪري اچي ته ٻئي طرف وري حڪمران بدستور پنهنجي عياشي ۾ ٻڏل آهن جيڪو ساليانو 0 0 1 کرب روپيا رشوت ۾ غرق ٿو ٿئي ۽ 0 0 5 ارب روپيا بيڪار حڪمرانن تي ٿو خرچ ٿئي ان جو جيڪڏهن اڌ به بچائي ڏتڙيل عوام تي خرچ ڪجي ته انهن جون وڏيون مشڪلاتون ختم ٿي سگهن ٿيون. پر اهو ڪئين ٿيندو؟ جڏهن اهو ئي آزاريل عوام پنهنجي حقن ۽ مفادن خاطر ميدان ۾ نڪرڻ بدران بکون ڪاٽي يا پني صني گذر ڪرڻ تي راضي هوندو. سخت افسوس آهي ته هن ملڪ جي عوام جي قسمت ۾ عذابن کان سواءِ ٻيو ڪجهه لکيل ڪونهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button