ٺٽو

رليف ۽ ميديڪل ڪئمپن ۾ اضافو ڪري برسات متاثرين کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي: سسئي پليجو

Sindh Ministers for Culture Jails visit of Rain affected areas of Karo Ghonghroٺٽو: صوبائي وزير ثقافت ۽ ضلعي رليف مانيٽرنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سسئي پليجو چيو آهي ته اسان جي اها ڪوشش آهي ته ڪارو گونگھڙو ۽ ٻين حساس علائقن ۾ اڃا وڌيڪ ھيوي مشينري لڳائي وڃي ته جيئن برسات متاثر علائقن مان بيٺل پاڻي جو جلد نيڪال ڪري متاثرين جي تڪليفن کي گھتائي سگھجي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن اڄ ضلعي انتظاميه ٺٽي کي ھدايتون جاري ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. هن ضلعي انتظاميه کي اها پڻ هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ رليف ۽ ميديڪل ڪئمپن ۾ اضافو ڪري برسات متاثرين کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي. ان حوالي سان سسئي پليجو ھنگامي طور تي اڄ 6 سيپتمبر 2011ع تي ضلعي انتظاميه جي گڏجاڻي طلب ڪري ورتي آهي جنهن ۾ روينيو، صحت، آبپاشي ۽ ٻين واسطيدار کاتن جي عملدارن کان رليف ڪئمپن، کاڌ خوراڪ جي رسد، صحت ۽ مختلف سم نالن ۽ واهن کي لڳل ڪٽس متعلق بريفنگ ورتي ويندي. هن تعلقي جاتي جي يو سي دريا خان سوھوجي پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن مينهن وسايو جت ۽ محمد حسن جت جي متاثرين کي پولٽري فارمن ۾ رهائڻ تي سخت نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميه کي سختي سان هدايت ڪئي ته متاثر ٿيل ڳوٺاڻن کي فورن رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو وڃي، جنهن تي انتظاميه عمل ڪندي خيمن تي مشتمل رليف ڪئمپ جوڙي ڳوٺاڻن کي منتقل ڪيو. هن چيو ته حڪومت وسيلن آهر ڪوششون وٺي برسات متاثر ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سسئي پليجو چيو ته پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن جي متاثرين کي رليف ڪئمپن ۾ پهچائڻ ۽ سندن کاڌ خوراڪ ۽ علاج و معالج وارن ڪمن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته متاثرين جي واهر ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان ڪٿان به اهڙي شڪايت آئي ته بنا ڌير ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته عملدار پاڻ کي عوام جا خادم سمجھي متاثرين جي خدمت ڪن، جيڪو سندن فرض آهي. صوبائي وزير ڪيٽي بندر، ڪارو ڇاڻ، ٻگھاڻ ۽ ٻين هنڌن تي ڦهليل گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين جو سخت نوٽيس وٺندي صحت کاتي جي عملدان کي هدايت ڪئي ته ڄاڻايل علائقن ۾ ميديڪل ڪئمپون قائم ڪري، اسپري ۽ ويڪسين جي موجودگي کي يقيني بنايو وڃي ته جيئن برسات متاثر علائقن کي وبائي بيمارين جي ڦهلجڻ کان بچائي سگھجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button