خيرپور

خيرپور شهر جا ڪيترائي محلا سوئي گيس جي فراهمي کان محروم

Natural Gasخيرپور (ڊ.ر) : خيرپور شهر جا ڪيترائي محلا سوئي گيس جي فراهمي کان محروم، رهواسي شهر۾ ٻهراڙي واري زندگي گذارڻ تي مجبور، سوئي گيس انتظاميا رهواسين جي تڪليف جو ڪو به تدارڪ نه ڪيو، احتجاج
خبر موجب وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه جي اباڻي شهر خيرپور ۽ چونڊ تڪ جي مختلف محلن، ڪالونين اُنڙ ڪالوني، ڳاڙهي پُل، پيپلز ڪالوني، سٽيزن ڪالوني، ٽالپر ڪالوني، سچل ٽائون ۽ علائقن جي رهواسي سُئي گيس جي بنيادي سهولت کان محروم ٿي ويا آهن. گذريل ٻن سالن کان سُئي گيس جو پريشر نه هئڻ ڪري رهواسي شهر ۾ رهندي ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري شهر ۾ به ٻهراڙي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته سُئي گيس انتظاميه کي بار بار شڪايتن ڪرڻ جي باوجود ڪو به کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي جنهن ڪري ڄاڻايل علائقن جا رهواسي سخت پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن. هوڏانهن سُئي گيس انتظاميه جي زيادتين ، واڌو بلن ۽ پريشر گهٽ هئڻ خلاف علائقي واسين اياز ڦلپوٽو، سيد قادن شاهه، گُل محمد جوڻيجو، محمد يونس ڀنڊ، شوڪت علي، غلام حيدر، عبدالفتاح سمنگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سئي گيس انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گذريل ٻن سالن کان عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهيون سُئي گيس جي پريشر نه هئڻ ڪري اسڪولي ٻارڙا ۽ سرڪاري ملازم بغير ناشتي جي اسڪول ۽ آفيسن ڏانهن وڃن ٿا جڏهن ته گهرن ۾ عورتون کاڌي تيار ڪرڻ وقت سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيون آهن. هنن چيو ته سُئي گيس انتظاميه گيس جي لائين سنهي هجڻ جو جواز ڄاڻائي گذريل ٻن سالن کان عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي جڏهن ته علائقي واسي گهرن ۾ ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري شهر ۾ به ٻهراڙي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. سئي گيس انتظاميه گيس گهٽ ۽ بل ڳاٽي ٽوڙ موڪلي غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق پڻ کسي رهي آهي. مظاهرين چيو ته خيرپور ۾ انڌير نگري ۽ ڄرپٽ راجا وارو قانون هلي رهيو آهي با اثر ۽ چونڊيل نمائندن وٽ چويهه ڪلاڪن مان هڪ منٽ به گيس جي فراهمي بند نٿي ٿئي جڏهن ته سئي گيس جي پريشر جي گهٽ هجڻ جي ڪري اسان علائقي واسين غريب ماڻهن جا چُلها ئي ٿڌا ٿي ويا آهن. اسانجا ٻچا فاقه ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن جڏهن ته سئي گيس، ضلعي انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن ڪو به تدارڪ نه ڪيوآهي جنهن ڪري رهواسين ۾ ڳڻتي ۽ مايوسي جي لهر پکڙجي وئي آهي. ٻئي طرف رهواسين هسئي گيس خيرپور آفيس جي انچارج سبحان دستي خلاف اهي به شڪايتون ڪيون آهن ته انچارج عوام سان سٺو رويو نٿو رکي شڪايت لاءِ ايندڙ ماڻهن سان بد اخلاقي سان پيش اچي ٿو ۽ پاڻ کي سياسي پٺڀرائي هئڻ جون ڳالهيون ڪري شڪايت ڪندڙن کي آفيس مان مايوس ڪري موٽائي ڇڏي ٿو. هنن صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري، وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مطالبو ڪندي گُهر ڪئي نا اهل سئي گيس انتظاميه کي فوري طور هٽائي ڄاڻايل علائقن ۾ سُئي گيس جو پريشر بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ عوام سراپا احتجاج بڻجي سندن گهيراءُ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button