مختصر خبرون

خيرپور سيوريج اسڪيم استعداد موجب فنڪشنل آهي ـ ترجمان نساسڪ

خيرپور ميرس :نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن (نساسڪ) چيو آهي ته گذريل ٽن ڏينهن جي لاڳيتي غير معمولي بارشن ۽ بجلي جي شديد بحران باوجود خيرپور شهر جي ڪنهن به مرڪزي علائقي ۾ بارش جو پاڻي غير معمولي طور تي بيٺل نه آهي ۽ نئين سيوريج اسڪيم سميت سمورو سرشتو ۽ ڊسپوزل اسٽيشنز پنهنجي استعداد موجب فنڪشنل آهن ۽ ڪم ڪري رهيا آهن. بارش جي اڳڪٿي کي مد نظر رکندي نساسڪ جي آفيسرن سميت اضافي عملو به عيد ۽ بارش وارن ڏينهن ۾ ايمرجنسي ڊيوٽين تي موجود آهي. گذريل ڏينهن جاري ٿيل هڪ پڌرائي ۾ نساسڪ وضاحت ڪندي چيو آهي ته 19 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڊرينيج اسڪيم پنهنجي مڪمل استعداد موجب ڪري پئي. نساسڪ ترجمان حسن علي شاهه چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ مجموعي طور پوندڙ غير معمولي بارشن جي نتيجي ۾ خيرپور شهر ۾ نئين تعمير ٿيل ڊرينيج اسڪيم مٿان تعمير ٿيل روڊ ٽن هنڌن کان ويهجي ويو، جنهن جو سبب نساسڪ پاران تعمير ٿيل سيوريج اسڪيم بالڪل نه آهي ۽ اها اسڪيم پنهنجي استعداد موجب ڪم ڪري پئي. اها وضاحت ضروري آهي ته روڊ رستا تعمير ڪرڻ نساسڪ جي ذميواري نه آهي. ترجمان موجب انجنيئرز پاران جوڙيل ابتدائي رپورٽ موجب روڊ ويهڻ جو سبب 10 کان 12 فوٽ مٽي ڀرائي (فِلنگ) ۾ بارش جو پاڻي داخل ٿيڻ ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪنهن هنڌ تان پراڻي واٽر سپلاءِ لائين ۽ پراڻي سيوريج لائين جو ليڪيج يا ڦاٽڻ به هڪ سبب ٿي سگهي ٿو. نساسڪ پاران نئين سيوريج اسڪيم جي لاڳاپيل ٺيڪيدار کي معاملي جائزي وٺڻ ۽ ضروري مرمت جو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويو آهن، جنهن هنگامي بنيادن تي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ پراڻي واٽر سپلاءِ لائين يا پراڻي سيوريج لائين جي ليڪج وغيره دور ڪئي ويندي. ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته شهر جي سموري مرڪزي علائقن ۾ ڪٿي به بارش جو پاڻي بيٺل نه آهي، جڏهن ته رڳو اوستاڳاهي واري علائقي ۾ ڪجهه وقت تائين پاڻي بيٺل هو، جنهن کي ڇنڇر جي ڏينهن رات تائين اضافي مشينري لڳائي صاف ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي ڪنهن به ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ نساسڪ جو عملو مڪمل طور تي چوڪس آهي. (پورو ٿيو)

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button