ٺٽو

حڪومت برسات متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي

Sindh Minister for Culture visit of flood affected areas of Thatta districtٺٽو: صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ حڪومت برسات متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ سندن جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ متاثرين جي هر قسم جي مدد ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ تعلقي ميرپور بٺورو جي يو سي بچل گگو، ديهه ڏاچري جي پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن عارب جانوري، غلام جاکرو ۽ ٻين برسات متاثر ڳوٺن جي متاثرين ۾ امدادي سامان ورهائڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيٿدي چئي. هن چيو ته عواج پ پ جي حڪومت ۾ اُميدون رکي ٿو ان ڪري هن مشڪل وقت ۾ متاثر ماڻهن کي هم گز اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته اسان پي ايم ڊي اي ۽ ريهيبيليٽيشن جي صوبائي وزيرن سان پڻ لڳاتار رابتي ۾ آهيون ته جيئن متاثر ماڻهن جي وقت سر ۽ وڌ کان وڌ مدد ڪري سگھون. هن چيو ته ٺٽي ۽ بدين ضلعن کي اربين روپين جو نقصان پهتو آهي، زراعت مڪمل تباه ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ھزارين گھر ڪري پيا آهن. ان موقعي تي سسئي پليجو ضلعي انتظاميه کي ھدايت ڪئي ته متاثرين کي کاڌ خوراڪ، علاج و معالج سان گڏو گڏ ٻيون گھربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن متاثرين جي تڪليفن کي گھٽائي سگھجي، ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ضلعي حڪومت برسات سبب متاثر ٿيل علائقن جي سروي وارو ڪم شروع ڪري نقصانن جا انگ اکر گڏ ڪري رهي آهي ته جيئن متاثرين جي مدد ڪري سگھجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button