ڪراچي

حڪومتي مس مينيجمنٽ۽ ڪرپشن سبب سنڌ جو برسات سٽيل عوام ٻٽو عذاب ڀوڳي رهيو آهي.مولانا ڀٽو. جماعت اسلامي طرفان جمعي ڏينهن سموري سنڌ ۾ يوم دعا جي اپيل

Rain in Thari Mirwahڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ طرفان سنڌ ۾ جاري برساتن دوران آيل تباهي توڙي جاني ۽ مالي نقصان تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي 16سيپٽمبرجمعي تي ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ يوم دعا جي اپيل ڪندي گهر ڪئي وئي آهي ته هر ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ضرور استغفار جو ورد ڪري .اهڙو فيصلواڄ قباءَ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي امير مولانا اسدالله ڀٽو جي صدارت ۾ ٿيندڙ هڪ اعلى سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو.اجلاس۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ طوفاني برساتن جي نقصان،جماعت اسلامي ۽ ان جي فلاحي اداري الخدمت فائونڊيشن طرفان ٿيندڙ امدادي سرگرمين جو جائزو،اڳتي جي حڪمت عملي پڻ جوڙي وئي.جماعت اسلامي سنڌجي امير مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته هاڻوڪين برساتن سنڌ ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي،لکين ماڻهو پنهنجن اجهن ۽ ملڪيتن کان محروم کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن .حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب برسات سٽيل ٻٽي عذاب ۾ آهن اهڙي طرح ڪروڙين رپيا ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪرڻ باوجود ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ڪنهن ڍنڍ جو منظر پيش ڪندڙ پاڻي به حڪمرانن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي .مولانا اسدالله ڀٽو عالم سڳورن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي جمعي جي خطاب ۾ استغفار ۽ رجوع الي الله تي تقريرڪن.
هن گهر ڪئي ته پاڪستان جو عوام ۽ خاص طور سرندي وارا هن مشڪل گهڙي ۾ ڦاٿل پنهنجي ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪن ته جيئن انهن جي دردن جو درمان ٿي سگهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button