ڪراچي

حڪمرانن جي غلاماڻين پالسين سبب اڄ پاڪستان جي وجود کي خطرا لاحق ۽ نااهلي ڪري پاڪستان ٺاهيندڙ ۽ پاليندڙ سنڌ جا لکين ماڻهو دربدري جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.اسدالله ڀٽو

asadullah bhuttoڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته حڪمرانن جي غلاماڻين پالسين سبب اڄ پاڪستان جي وجود کي خطرا لاحق ۽ نااهلي ڪري پاڪستان ٺاهيندڙ ۽ پاليندڙ سنڌ جا لکين ماڻهو دربدري جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.چونڊيل نمائندن ۽ جيالن طرفان ڊي سي اوز آفيسن ۾ڪرپٽ ڪامورن سان ويهي غريبن لاءِ آيل امداد هڙپ ۽ پنهنجن کي نوازي وارو سلسلو بند ڪري حقدارن کي حق ڏياريو وڃي.حڪومت برسات جي بيٺل پاڻي جي نيڪال توڙي قدرتي لنگهن تي ٿيل قبضا ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا اپاءَ وٺي.
اهڙن خيالن جو اظّهار هن قباءِ آڊيٽوريم ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.صوبائي امير اسدالله ڀٽو جي صدارت هيٺ الخدمت ۽ جماعت اسلامي جي ذمه دارن جوهڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هيل تائين برسات متاثرن جي واهر لاءِ ٿيندڙ سرگرمين جو جائزو ۽ اڳتي جي رٿابندي ڪئي وئي.الخدمت فائونڊيشن سنڌ جي صدر ۽ چمڙي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر تبسم جعفري اجلاس ۾رپورٽ پيش ڪندي چيو ته الخدمت طرفان هيل تائين 4340 ٽينٽ 3707 ترپال سميت ست ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو سامان ورهايو ويو آهي.جنهن ۾ ڪچو راشن،دوائون،ڪپڙا،بستر ۽ ٻيو ضروريات زندگي جو سامان شامل آهي.هن ٻڌايو ته الخدمت طرفان برسات سٽيل علائقن ۾ 30 ميڊيڪل ڪئمپ مستقل ۽ 18 گشتي موبائل يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن.اهڙي طرح ٽنڊو باگو،بدين،جهڏو،شهدادپور،ٽنڊو محمد خان، ڊگري ۽ ٽنڊو آدم ۾ قائم خيمه بستين ۾ متاثرن کي کاڌي پيتي سميت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.گهڻي وقت کان پاڻي بيهڻ،متاثر ماڻهن جو پنهنجن اجهن کي نه ڇڏڻ توڙي وڏي پئماني تي مال جي مري وڃڻ ڪري وبائي بيماريون پکڙجي رهيون آهن.جنهن ۾ پيٽ،مليريا،ڊائريا ۽ خارش جون بيماريون قابل ذڪر آهن.برسات ۽ سهولتن جي اڻ هوند سبب 20 هزار کان وڌيڪ ڳورهاريون عورتون سخت مشڪل ۾ آهن.پيما جي تعاون سان هڪ جديد سهولتن سان آراسته هڪ ميڊيڪل بس گهرائي وئي آهي.جنهن ۾ ليڊي ڊاڪٽر دوائون،آپريشن ٿيٽر سميت مڪمل ويم گهر جون سهولتون موجود آهن.اها بس برسات سٽيل علائقن ۾ هلندي رهندي.اها ساڳي ئي بس زلزلي جي موقعي تي پڻ هلي هئي.مولانا ڀٽو هدايتون جاري ڪيون ته متاثرن جي واهر لاءِ امدادي سرگرمين کي منظم ۽ دائرو اڃان وڌايو وڃي.ان موقعي تي ايندڙ هفتي مرڪزي امير سيد منورحسن جي دوري کي پڻ حتمي شڪل ڏني وئي.اجلاس ۾ ڊاڪٽر معراج الهديٰ صديقي،ممتاز حسين سهتو،مجاهد چنا ڊاڪٽربن يامين خالد،راشد نسيم ۽ خير محمد تنيو سميت ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button