مختصر خبرون

جيئي سنڌ تحريڪ پاران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واھر نھ ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي ) لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واھر نھ ڪرڻ خلاف گذريل ڏينھن ڪارڪنن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نيشنل پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، جن ۾ رستم سانڊاڻو، امن سرھيو، عبدا لله ڀٽي، رضوان لغاري، خدا بخش سولنگي ۽ ٻيا شامل ھئا، ان موقعي تي ھنن جو چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي مدد نھ ڪري رھي آھي، جنھن جي ڪري متاثرين کليل آسمان ھيٺيان بکايل ۽ اڃايل ويٺل آھن ۽ حڪمران صرف پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن، ھنن مطالبو ڪيو تھ متاثرن جي واھر ڪئي وڃي، نھ تھ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button