ڪراچي

جماعت اسلامي ۽ الخدمت طرفان امدادي سرگرميون جاري، گشتي موبائل ميڊيڪل ٽيمن جو درو ۽ ٽنڊو باگو رليف ڪئمپ ۾ 8 ٻارڙن جي پيدائش،شهدادپور ۾ خيمه بستي قائم،نواب شاهه ۽ سانگهڙ ۾ امداد تقسيم ڪئي وئي

liaqat baloch in samaro dist umar kotڪراچي : جماعت اسلامي ۽ ان جي فلاحي اداري الخدمت طرفان سنڌ جي برسات سٽيل عوام ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن.هزارين رضاڪار ۽ ڪارڪن ڏينهن رات امدادي سرگرمين ۾ رڌل آهن.
شڪارپور:شڪارپور ۾ شهر جي مک چوڪ گهنٽا گهر لکي در وٽ ٽي ڏينهن ڪئمپ لڳائي وئي جڏهن ته اڄ آخري ڏينهن تي ڪارڪنن مقامي اڳواڻن عبدالسميع ڀٽي،محمد ابراهيم بروهي جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف بازارن ۾ وڃي ڪري متاثرن جي واهر لاءِ جهولي فنڊ گڏ ڪيو.
نواب شاهه:نواب شاهه ۾ جماعت اسلامي طرفان مقامي امير سرور احمد قريشي جي اڳواڻي ۾ قاضي احمد ويجهو يونين ڪائونسل مرزا باغ جي ڳوٺ الله بخش لاشاري جي ٻوڏ متاثرن ۾ راشن جا ڪٽا،تنبو،مڇردانيون ۽ پلاسٽڪ جون شيٽون ورهايون.جڏهن ته الخدمت جي ضلعي صدر عبدالباسط قريشي جي سربراهي ۽ ڊاڪٽر جاويد جي نگراني هيٺ ڳوٺ علي نواز ڀٽو ۽ زيرتعمير ڪيڊٽ ڪاليج ۾ قائم ڪئمپ ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ٽي سو کان وڌيڪ مريضن جو چڪاس ۽ مفت دوائون ڏنيون
ٽنڊو باگو: ٽنڊو باگو شهر جي ٽنڊو موڙ تي الخدمت پاران گذريل هڪ هفتي کان قائم خيمه بستي ۾ 8 عورتن جي ڊليوري ٿي جنهن ۾ پنج نياڻيون ۽ ٽي ڇوڪرا پيدا ٿيا.خيمه بستي جي نگران مولانا عبدالڪريم بليدي ٻڌايو ته هن بستي ۾ 1300 ماڻهو رهن ٿا جنهن ۾ انهن کي کاڌ خوراڪ ۽ ميڊيڪل سميت تمام سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون جڏهن ته هڪ ليڊي ڊاڪٽر پڻ خدمتون سرانجام ڏيئي رهي آهي.
کوسڪي:هوڏانهن الخدمت فائونڊيشن خيبرپختونخواجي صدر ڊآڪٽر اقبال خليل ۽ نائب صدرظهيرالسلام پنهجي ٽيم سان گڏ پهچي ويو آهي.جنهن الخدمت پاران کوسڪي ۾ قائم خيمه وسندي جو دورو ڪري رضاڪارن جي خدمت کي ساراهيو.
سانگهڙ:شهدادپور ۾ متاثرن لاءِ خيمه بستي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن ۾ کاڌخوراڪ سان گڏ ميڊيڪل جي سهولت پڻ ڏني پئي وڃي.خيمه بستي جي نگران محمد عظيم بلوچ ٻڌايو ته خيمه بستي ۾ الخدمت پاران متاثرن کي هر ممڪن سهولتون ڏنيون پيون وڃن.هوڏانهن مقامي اڳواڻ ارشاد ظفر بخاري جي نگراني هيٺ لطيف پارڪ ۾ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳائي وئي.جنهن ۾ متاثرن جو مفت چيڪ اپ ۽ کين دوائون ڏنيون ويون.اهڙي طرح سانگهڙ جي اڳواڻ حافظ عبدالرشيد ۽ رفيق منصوري جي نگراني هيٺ کڏڙو ۽ سنجهورو ۾ بارش متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايوويو.
ڪشمور ضلعي جي گڊو شهر ۾ پڻ امدادي ڪئمپ ۽ جهولي فنڊ ڪيو ويو هڪ ڏينهن ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ رقم گڏ ڪئي وئي.
خيرپور ميرس:خيرپور ميرس ۾ ضلعي اڳواڻن درمحمد خاصخيلي ۽ حسن طارق جي نگراني هيٺ پنج گولا چوڪ تي ٽن ڏينهن لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي.جنهن ۾ متاثرن لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو،جڏهن ته الخدمت طرفان ڊاڪٽر جواد سهتو جي نگراني هيٺ ڪوڙڪي تعلقو فيض گنج ۽ کرڙا تعلقو ٺري ميرواهه ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي 461 مريضن جو معائنو ۽ کين دوائون ڏنيون ويون.
هوڏانهن الخدمت فائونڊيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري چيو آهي ته الخدمت جا هزارين رضاڪار جماعت اسلامي جي ڪارڪنن سان گڏجي ڌڻي تعاليٰ جي رضا ۽ بنا ڪنهن فرق جي انسانيت جي خدمت واري جذبي هيٺ پنهنجي ٻوڏ متاثرڀائرن جي خدمت ڪري رهيا آهن.هن چيو ته گهڻي وقت کان پاڻي بيهجي وڃڻ ۽ وڏي پئماني تي چوپائي مال جي مرڻ سبب علائقن ۾تعفن ۽ وبائي بيماريون تيزيءَ سان پکڙجي رهيون آهن.جنهن ۾ خارش،پيٽ،مليريا ۽ چمڙي جون بيماريون قابل ذڪر آهن.اڳيئي هتي غريب ماڻهن لاءِ علاج ڪرائڻ مشڪل آهي پر هاڻوڪي برساتن اڃان انهن جي مشڪلاتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.ان ڪري اسانجي گهڻي توجهه ماڻهن جي علاج معالجي تي آهي.الخدمت جا 18 ميڊيڪل يونٽ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.حڪومت کي گهرجي ته هو موذي مرضن کان بچاءَ جي خاتمي،جانورن کي ويڪسين ڪرڻ جو بندوبست ۽ مئل مال کي پورڻ سميت صحت جي شعبي طرف خصوصي ڌيان ڏي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button