جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري خلاف ضلعي ٺٽي جي سمورن شهرن ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، ٽائرن کي باهيون
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري خلاف ضلعي ٺٽي جي سمورن شهرن ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، ٽائرن کي باهيون، گاڏين تي پٿراءُ، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، روڊن ۽ رستن تي ويراني ، ڦيٿاروڪ هڙتال سبب ٽريفڪ به روڊن تان غائب رهي، جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري واري عمل خلاف جسقم پاران ڏنل ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال واري سڏ جي موٽ ۾ ضلعي ٺٽي جي سڀني وڏن توڙي ننڍن شهرن ٺٽو، مڪلي، جهمپير، گهارو ، ڌاٻيجي ۽ غريب آباد مارڪيٽ ، ميرپور ساڪرو، ٻهارا، ڳاڙهو، ور ، غلام الله، سجاول، چوهڙ جمالي، جاتي، ميرپور بٺورو ، جهوڪ شريف ۽ دڙو سميت ٻين علائقن ۾ مڪمل طور تي هڙتال رهي ۽ رستن تي ٽريفڪ پڻ معطل رهي، ٺٽو شهر ۾ صبح سوير جسقم جا سوين ڪارڪن ضلعي ٺٽي جي صدر سرور خشڪ۽ بابو خشڪ جي اڳواڻي ۾ ٻاهر نڪري آيا، مختلف چوڪن ۽ رستن تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏيون، جڏهن ته ٺٽو سجاول روڊ تي نامعلوم ماڻهن پٿراءُ ڪري آئل ٽينڪرن جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، نيشنل بينڪ ٺٽو وٽ سوين ڪارڪنن جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري خلاف احٽجاجي طور تي ڌرڻو هنيو ۽ سندس آزادي جو مطالبو يو، مڪلي تي پڻ ڪارڪنن ٺٽو ڪراچي روڊ تي رڪاوٽون کڙيون ڪري ڌرڻو هنيو، هوڏانهن جسقم جي اڳواڻ آزاد اصغر بروهي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڇتوچنڊ لڳ سدابهار وٽ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪارڪنن پاران روڊن تي احتجاج سبب ٺٽي کان حيدرآباد، ڪراچي ۽ سجاول ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ قومي شاهراهه تان غائب رهي، جڏهن ته ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾پوليس اٽالا الرٽ هجڻ سان گڏ گشت ڪندا رهيا.