شڪارپور

جسقم چئرمين جي گرفتاري خلاف شڪارپور ۾ ريليون، ڪاروبار بند، مختلف پارٽين طرفان نندا


Qureshiشڪارپور : (عبدالوحيد ڦلپوٽو) جسقم چئرمين بشير خان قريشي کي ڪراچي مان گرفتار ڪرڻ خلاف شڪارپور ضلعي ۾ جسقم طرفان ريلي، پيادل مارچ، جسقم ڪارڪن شهر جا دوڪان ۽ بازارون بند ڪرائي ڇڏيون .
تفصيل موجب : جيئي سنڌ قومي محاذ جي چئرمين بشير خان قريشي کي ڪراچي مان گرفتار ڪرڻ کان پو۽ شڪارپور ضلعي جي چئني تعلقن خانپور ، ڳڙهي ياسين ، لکي غلام شاه ۾ ريليون ڪڍيون ويون ۽ ڪاروباري مرڪزن کي بند ڪرايو ويو جڏهن ته شڪارپور شهر ۾ عبدالسمي بلالي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جسقم جي ڪارڪنن شهر جا دوڪان ، هوٽل ، اناج منڊي ۽ سبزي مارڪيٽ، بازارن کي پڻ بند ڪرايو بعد ۾ جسقم ڪارڪنن چئني صوبن ڏي ويندڙ نيشنل ها۽ وي بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب مسافرن کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پئجي ويو ان موقعي ته سميع بلالي صافين کي ٻڌايو ته بشير خان قريشي کي گرفتار ڪرڻ هڪ غير قانوني غير جهموري عمل آهي جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا جيڪڏهن بشير خان قريشي کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڀاڻي کان اسان پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌائينداسين ان کان علاوه پ پ ش ڀ ، جسمم ، ۽ ٻين سياسي تنظيمن پڻ جسقم چئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري کي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button