سکر

بشير قريشي جي گرفتاري خلاف جسقم جي سڏ تي سکر جي مختلف علائقن ۾ جزوي هڙتال، شهر جا پيٽرول پمپ بند

Sukkurسکر(بيورورپورٽ)جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي گرفتاريءَ خلاف جسقم جي سڏ تي سکر جي مختلف علائقن ۾ جزوي هڙتال، شهر جا پيٽرول پمپ بند، جسقم ضلع سکر پاران احتجاجي مظاهرا، خبر موجب گذريل ڏينهن جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشيءَ جي ڪراچيءَ ۾ رينجرز هٿان گرفتاريءَ خلاف جسقم جي سڏ تي سنڌ جي ٻين علائقن جيان سکر جي مختلف علائقن ۾ جزوي هڙتال ٿي. جنهن ۾ شهر جا پيٽرول پمپ بند رهيا، جسقم ضلعي سکر پاران بشير خان قريشيءَ جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جسقم ضلع سکر جي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جسقم چيئرمين بشير خان قريشيءَ کي آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. جڏهن ته سکر جي ڀرپاسي جي شهرن روهڙي، ڪنڌرا، صالح پٽ، سميت ٻين شهرن ۾ به جزوي هڙتال جون اطلاعون مليون آهن. خوف حراس سبب عوام گهٽ روڊن تي نظر آيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button