برسات ستايل جي امداد نه ٿيڻ تي ايم اين جو ڊي سي آفيس آڏو احتجاج جو اعلان
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ق ليگ سان تعلق رکندڙ ٺٽي جي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي سندن تڪ ۾ برسات متاثرين جي امدادي سهائتا نه ٿيڻ ۽ ضلعي انتظاميا پاران من پسند ماڻهن کي نوازڻ خلاف ايندڙ سومر واري ڏينهن ڊي سي او آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻي ۽ گهيراءُ جو اعلان ڪندي الزام هنيو آهي ته ٺٽي جو ڊي سي او برسات متاثرين جي سهائتا نه ٿيڻ جو ذميوار آهي جيڪو نان ڪيڊر آفيسر هجڻ ڪري معاملن کي الجهائي رهيو آهي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ق ليگ جي ايم اين اي اياز علي شاهه شيرازي ۽ ايم پي اي چيتن مل چيو آهي ته سندن ميرپوربٺورو ۽ جاتي تعلقن سميت سڄي ضلعي اندر تازين زوردار برساتن سبب تمام وڏي تباهي آئي آهي پر اڃان تائين سخت متاثر سندن ٻن تعلقن مان برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ متاثرين جي سهائتا لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن جنهن سبب هزارين متاثر ماڻهو بي يارومددگار بڻجي بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن جڏهن ته وبائي بيمارين منهن ڪڍيو آهي پر صحت کاتو غائب آهي هنن ڊي سي او ٺٽو تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته کيس ڪا به ڄاڻ ناهي مصيبت جي گهڙي ۾ ڪيئن منهن ڏجي هنن چيو ته هو هن سڄي صورتحال ۾ غير ذميوار ثابت ٿيو آهي ، موسميات کاتي جي اڳواٽ اڳڪٿي باوجود هن ڪي به اپاءُ نه ورتا، هنن چيو ته صرف 11 يوسيز کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ متاثرين سان نا انصافي آهي ڇو ته سڄي ضلعي اندر برساتن سبب هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ 75 سيڪڙو کان مٿي زرعي آبادي به تباهه ٿي ويئي آهي پر اڃان تائين ڪنهن زرعي پيڪيج جو اعلان به نه ڪيو ويو آهي هنن چيو ته وزير اعظم سميت وڏي وزير توڙي متاثرين جي بحالي واري اداري جي وزير ٺٽي ضلعي جي دوري تي نه پهتو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندن تڪ جي ماڻهن سان ٻه اکيائي وارو رويو اختيار ڪيو ويو آهي هنن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته سندن تڪ جي متاثر ماڻهن کي فوري امدادي فراهم ڪري صحت جون سهوليتون ۽ پاڻي جي نيڪال لاءِ جوڳا قدم نه کنيا ويا ۽ امدادي سامان جي ورهاست شفاف نه بڻائي ويئي ته ايندڙ سومر واري ڏينهن ڊي سي او آفيس مڪلي آڏو شيرازي گروپ جي حامين پاران سندن اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي او آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويند ۽ ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو ان کان سواءِ ايوانن ۾ پڻ آواز اٿاريو ويندو هنن ان موقعي تي حڪومت کان گهر ڪئي ته سڄي ضلعي کي فوري طور تي آفت سٽيل قرار ڌيئي خصوصي زرعي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي ۽ برسات متاثر آبادگارن کان زرعي وصوليون ۽ زرعي قرض معاف ڪري کين بنان وياج جي قرض ڏياري وڃن جڏهن ته ايم پي اي چيتن مل اهو به الزام عائد ڪيو ته سندن اقليتي برادري کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ متاثر ٿيل اقليتي برادري جي ماڻهن جي اڃان تائين ڪا به امدادي سهائتا نه ڪئي ويئي آهي جيڪا نا انصافي آهي .