برسات بعد سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو چاڙهه ،ڪچي طرف پاڻي وڌڻ لڳو
سکر(رپورٽ؛ عمر سومرو )برسات بعد سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو چاڙهه ،ڪچي طرف پاڻي وڌڻ لڳو،گڊو ۽ سکر وٽ سطح بلند،ڪيترائي بند اڃان مظبوط نه ٿيا ۽ نه ئي سکر بندر وال جو ڪم مڪمل ٿي سگهيو خبر موجب گذريل ڪجه ڏينهن کان ملڪ سميت سنڌ اندر لاڳيتو پوندڙ برسات بعد سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي گذريل 4 2 ڪلاڪن ۾ گڊو بئراج وٽ 2 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي وڌڻ ڪري هيٺين درجي جي ٻوڏ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ڪچي ۾ به پاڻي لاڳيتو وڌي رهيو آهي گذريل سال جي ٻوڏ بعد هاڻي تائين سنڌ ۾ ڪيترائي دريائي ۽ واهن جي بندن کي مضبوط ڪرڻ وارو ڪم اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو ۽ سکر بندر وال جو ڪم به سستي سان اڳتي وڌي رهيو آهي جنهن ۾ چونڊيل نمائندن جي ڪميشنن جي ڪري ناقص مٽيريل جي استعمال جي شڪايتن باوجود سنڌ سرڪار ڪوبه ايڪشن ناهي ڪيو جنهن ڪري چونڊيل نمائندن جي منشين ۽ عزيزن کي ڪنهن به قسم جو ڪو فڪر ڪونهي ماهرن موجب جيڪڏهن برساتن جي پوڻ ڪري پاڻي ۾ مسلسل چاڙهه برقرار رهيو ته وڏي پئماني تي نقصان ٿي سگهي ٿو سکر وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 8 5 هزار ڪيوسڪ ۽ گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 2 7 هزار ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي جتي ايندڙ 4 2 ڪلاڪن ۾ پاڻي 3 لک ڪيوسڪ کان وڌي سگهي ٿو ساڳي ريت سکر بئراج وٽ به پاڻي وڌڻ جو امڪان آهي جنهن مان نڪرندڙ واهن جي ڪپرن تي پاڻي لاڳيتو وڌي رهيو آهي.