اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو وچ ۾ مريد ڀٽو جي قتل واري معاملي تان ڇڪتاڻ وڌي وئي
لاڙڪاڻو (رپورٽ: بختيار بگٽي ) سنڌ جي وڏي وزير جو اڳوڻو صوبائي صلاحڪار شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جو سئوٽ ڀٽا برادريءَ جو سردار عامر خان ڀٽو ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو وچ ۾ مريد ڀٽو جي قتل واري معاملي تان ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، جڏھن تھ ھڪٻئي خلاف الزامن ۽ بيان بازيءَ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، جڏھن تھ سردار عامر ڀٽو پاران نئون ديرو پوليس کي رياض ڦلپوٽو جي خلاف شڪايت ڪئي، جنھن تي نئون ديرو پوليس ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو کي پوليس گرفتار ڪري نئون ديرو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تھ ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر جي گرفتاريءَ جي خبر باھھ جيان پکڙجي وئي ۽ ان جو اطلاع صدر پاڪستان آصف علي زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر کي پڻ ڏنو ويو آھي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو پاران سردار عامر خان ڀٽو جي خلاف غلط بياني ڪرڻ توڙي مريد ڀٽو جي قتل ڪيس جي معاملي تان اختلاف ۽ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي، جڏھن تھ مريد ڀٽو جي قتل ڪيس جي ضمانت سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران رياض ڦلپوٽو جي گھرواري زاھدھ جويو جي رد ڪئي وئي آھي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او نئون ديرو غلام مصطفيٰ ابڙو سان رابطو ڪيو ويو، جنھن ٻڌايو تھ رياض ڦلپوٽو کي سردار عامر خان ڀٽو جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ مريد ڀٽو جي ڪيس مان سندس گھرواري زاھدھ جويو جي پڻ ضمانت رد ٿي آھي، جنھن کانپوءِ رياض ڦلپوٽو مريد ڀٽو جي گھر تي ھٿياربند موڪلي ڪيس تان ھٿ کڻڻ جي لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏنيون ھيون، جنھن جي ڪري رياض ڦلپوٽو کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ رياض ڦلپوٽو سان موبائيل فون تي رابطو ڪيو ويو، جنھن ٻڌايو تھ مون کي پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ملاقات پڻ بند ڪئي وئي آھي ۽ مون کي ڪاخبر نھ آھي تھ ڪھڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ موبائيل فون تي ڳالھائڻ کان بھ پوليس پڻ منع ڪري رھي آھي.