سکر

اين جي اوز گهرجي ته اهي معاشري ۾ تعميري ڪمن ۾ حڪومتي ادارن کي به شامل ڪن : نرگس اين ڊي خان

Seven sisters tombSukkurسکر(بيورورپورٽ)اين جي اوز جو ڪردار سماجي ترقي جي لاءِ نهايت لازمي آهي انهن کي گهرجي ته اهي معاشري ۾ تعميري ڪمن ۾ حڪومتي ادارن کي به شامل ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير براءِ سماجي بهبود ميڊم نرگس اين ڊي خان پاڪستان بيت المال جي سويٽ هوم جي دوري جي دوران ڪيو. هن چيو ته سماجي ترقي جي لاءِ اين جي اوز جو ڪردار لازمي آهي ۽ انهن کي گهرجي ته اهي معاشري ۾ تعميري ڪمن ۾ حڪومتي ادارن کي به شامل ڪن ته جيئن سويٽ هوم جهڙن ادارن کي بهتر انداز ۾ بڻايو وڃي. هن ان موقعي تي سويٽ هوم ۾ موجود 4 کان 8 سالن جي 0 4 کان وڌيڪ معصوم ۽ يتيم ٻارن سان گڏ ناشتو ڪيو. ان موقع تي پاڪستان بيت المال جو انچارج غلام شبير ميمڻ، ڊسٽرڪٽ آفيسر سماجي بهبود سکر عبدالقدوس ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن ۾ شاهه محمد رحيم لاکو، محمد سليمان ميراڻي، سيد نصير حسين شاه، سيد غلام مجتبيٰ شاهه رضوي ، مهر علي ڀٽو سميت ٻيا آفيشلز به موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button