ڪراچي

ايم ڪيو ايم مخالف ڌر ۽ حڪومتي مزا وٺڻ جو ٻٽو ڪردار ادا ڪري خراب روايت ۽ مفاد پرستي جي انتها ڪري ڇڏي آهي.اسدالله ڀٽو

asadullah bhutto ڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم مخالف ڌر ۽ حڪومت جا مزا وٺي هڪ طرف خراب روايت ۽ مفادپرستي جي انتها ڪري ڇڏي آهي.متحده طرفان سنڌ ۾ هڪ طرف مخالف ڌر جي چيمبر سميت سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي بينچن تي ويهڻ ٻئي طرف سنڌ جي گورنر شپ ۽ وزارتن حاصل ڪرڻ واري ڪردار عوام ۾ اصل پت وائکي ڪري ڇڏي آهي،جيڪا ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ جماعت اسلامي سنڌ جي پارلياماني بورڊ جي هڪ اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته تقريبن ٽي مهينا اڳ ۾ ايم ڪيو ايم جي وزيرن استعيفائون ڏنيون آهن جيڪي اڄ تائين منظور نه ٿيون آهن جنهن جو صاف مطلب اهو آهي ته ايم ڪيو ايم جا سڀئي وزير اڄ تائين صوبائي وزير جي حيثيت سان پگهار،مراعات ۽ ٻيا الائونس حاصل ڪن پيا.جنهن سان انهن جي مخالف ڌر۾ هجڻ واري دعوى ۽ حڪومتي مزا ماڻڻ ماڻڻ واري ايم ڪيو ايم جو مفاد پرستاڻو ڪردار وڌيڪ کلي عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ برسات متاثرين لاءِ پهريون آواز جماعت اسلامي ۽ ان جو فلاحي ڪم ڪرڻ وارو ادارو الخدمت فائونڊيشن آهي جيڪو رنگ،نسل،پارٽي ۽ مذهب جي متڀيد کان مٿاهون ٿي ڪري متاثرن جي خدمت ڪري رهيو آهي،اهو سڄو ڪم الله جي مهرباني ۽ اهل خير ماڻهن جي سهڪار سان هلي رهيو آهي جيڪو جماعت اسلامي ۽الخدمت جي ديانت ۽ امانت تي قوم طرفان ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي.اسان متاثرن جي نمود ۽ نمائش کان هٽي ڪري انهن جي عزت نفس کي نظر ۾ رکندي ميڊيڪل کان وٺي،خيما،کاڌ خوراڪ۽ ٻيو سامان فراهم ڪري رهيا آهيون.ان سلسلي ۾ 23 سيپٽمبر تي جماعت اسلامي پاڪستان جو مرڪزي امير سيد منور حسن متاثر علائقن جو دورو ڪندو،جڏهن ته ان کان اڳ ۾ مرڪزي جنرل سڪريٽري لياقت بلوچ،الخدمت پاڪستان جو صدرنعمت الله خان ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ دورو ڪري چڪا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button