ڪراچي

الطاف حسين جو علاج ڪرايو وڃي، پريس ڪانفرنس انٽرٽينمينٽ شو هو: ذوالفقار مرز

Zulifqar Mirzaڪراچي اوڀر: پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته عدالتن ۾ فوج کي اپيل ڪيان ٿو ته هوءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، حڪومت کي ختم ڪرڻ بدران ملڪ ٽوڙڻ جي سازش ڪندڙ دهشت گردن کي گرفتار ڪري سندن مقصد ناڪام بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب ۾ ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر ذاولفقار مرزا وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير رحمان ملڪ سنڌ ۽ سنڌين جو غدار آهي. هي ميڙ واضح ڪري ٿو ته اسان هاڻي ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم سان مفاهمت نٿا چاهيون. هن چيو ته گورنر سنڌ عشرت العباد مٿان 6 ڪيس داخل آهن. اهڙي ماڻهو جو گورنر رهڻ قبول ناهي ۽ صدر کي گهرجي ته هو رحمان ملڪ ۽ گورنر کي هٽائي. ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ سڀ خراب ناهن، پر ڪجهه دهشت گردن شهر کي يرغمال بڻايو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد مان اوڳاڙيل ڀتو الطاف حسين پنهنجي عياشين تي خرچ ڪري رهيو آهي. الطاف پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جڏهن ته متحده اڳواڻ عظيم طارق، بدر اقبال، عمران فاروق ۽ ٻين جون قبرون دانهون ڪري رهيون آهن ته سندن قاتل الطاف آهي. هن چيو ته مان ان ماءُ کي سلام پيش ٿو ڪيان جنهن آفاق احمد جهڙي بهادر پٽ کي جنم ڏنو آهي. اردو ڳالهائيندڙن جي جنگ آفاق وڙهي رهيو آهي. عدالتن کي اپيل ٿو ڪيان ته سوموٽو جو ڊرامو گهڻو ٿي ويو. هاڻي عدالتون آفاق کي آزاد ڪري کيس ٻاهر آڻين. مان آفاق کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هو اڪيلو ناهي ۽ جلد سندس ملڪيتن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ مان پاڻ آفاق سان گڏ لانڍي ويندس. هن چيو ته مان پختونن پنجابين ۽ آفاق جي ڪارڪنن، ايس اين پي اڳواڻ امير ڀنڀري ۽ لياري واسين کي سلام پيش ڪيان ٿو ته جن ظلم سان مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جي شروعات ڪئي آهي. هن چيو ته هاڻي ڪراچي ۾ ڪنهن غيرت مند پاڪستاني جو لاش ڪرندو ته ان ڏينهن پنج آمريڪي، ڀارتي ملڪ ٽوڙڻ وارن دلالن، دهشت گردن جا لاش به ڪرندا. هن چيو ته چڪرا ڳوٺ ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشت گرد ڪامران ماڌوري کي مون گرفتار ڪرايو. ولي بابر صحافي جا قاتل مان گرفتار ڪرائيندس. هن چيو ته شهيد راڻي ڪڏهن به نه چيو ته بليڪ ميل ڪندڙ دهشت گردن سان مفاهمت ڪئي وڃي. هن چيو ته جيڪي منهنجا دوست وزير، سينيٽر آهن، اهي هاڻي فون کڻڻ کان به ڊڄن ٿا ۽ مون سان نٿا ڳالهائين. هوڏانهن نجي ٽيوي سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته الطاف حسين جو علاج ڪرايو وڃي. سندس پريس ڪانفرنس انٽرٽينمينٽ شو هو. چينلن جو وقت ضايع ڪيو ويو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button