ڪراچي

الخدمت هن مشڪل گهڙي ۾ سنڌ جي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.الخدمت فائونڊيشن سنڌ

Khidmat Tentڪراچي: الخدمت فائونڊيشن سنڌ پاران ٽنڊو باگو،بدين۽ ٽنڊومحمد خان ۾ خيما وسنديون قائم .گذريل ڏينهن الخدمت فائونڊيشن جو مرڪزي صدر نعمت الله خان متاثر علائقن جو ڪراڙپ باوجود دورو ڪيو۽ امدادي ڪمن جو جائزو۽ امداد تقسيم ڪئي .جڏهن ته اڄ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير محمد حسين محنتي ۽ سڪريٽري الخدمت عبدالعزيز به ميرپور خاص،ٽنڊو الهيار،ڊگري،۽ ڪوٽ غلام محمد جودورو ڪري متاثرخاندانن سان همدردي جو اظهار ۽ راشن بيگ ورهايا. .الخدمت فائونڊيشن جي صوبائي صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري هڪ مشاورتي اجلاس کان پوءِ پريس بريفنگ دوران چيو ته الخدمت جون رضا ڪار ٽيمون برسات سٽلين جي امداد ۾ مصروف عمل آهن برسات کان متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ کان ويندي طبي امداد ۽ پڪل کاڌو به پهچايو پيو وڃي .الخدمت جون موبائل ميڊيڪل ٽيمون به متاثر علائقن ۾ وڃي گهر گهر طبي امداد ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ دوائون فراهم ڪري رهيون آهن هاڻي.جهڏي کان پوءِ ٽنڊو باگو،بدين۽ ٽنڊو محمد خان ۾ پڻ خيما وسنديون قائم ڪيون ويون آهن جن جا نگران ترتيب وار ڊاڪٽر شمشاد قائم خاني،مولانا عبدالڪريم بليدي،عبداللطيف کوسو۽ محمد اسلم نظاماڻي کي مقرر ڪيو ويو آهي الخدمت تحت قائم انهن خيما وسندين ۾ متاثرين کي طبي سهولتن کان ويندي پڪل کاڌي سميت زندگي جون سڀئي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ذري گهٽ هڪ سئو خيمن تي مشتمل انهن هر هڪ خيما وسندين ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي رهائش جو بندو بست ڪيو ويو آهي . متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي جيئن جيئن ڦاٿل ماڻهو محفوظ هنڌن تي پهچندا ويندا تيئن تيئن انهن خيما وسندين ۾ انتظامات جو دائرو وڌايو ويندو.هن چيو ته متاثر علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيهڻ جي ڪري ڪيتريون ئي وبائي خاص طور تي پيٽ ۽ چمڙي جون بيماريون تيزي سان ڦهلجي رهيون آهن ،هن وقت متاثر ماڻهن کي ميڊيڪل جي سهولتن کان سواءِ خيمن۽خوراڪ جي سخت ضرورت آهي ڇوته انهن جا گهر تباهه ۽ جمع ٿيل پونجي برسات ۾ ضايع ٿي چڪي آهي ۽ هن وقت هو کليل آسمان هيٺ امداد جي آسري تي ويٺا آهن،انهن ڏکايل ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ انسانيت جو درد رکندڙ هر ماڻهو تي فرض ٿئي ٿو. الخدمت فائونڊيشن سنڌ جي صوبائي صدر ڊاڪٽر تبسم جعفري وڌيڪ چيو ته الخدمت هن مشڪل گهڙي ۾ سنڌ جي مصيبت جي ماريل ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي،اسان رنگ ،نسل،پارٽي وابستگي کان بالاتر ٿي ڪري انسانيت جي خدمت ديانت ۽ امانت واري جذبي سان ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا.هن سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته هو دل کولي مالي ايثارڪن ته جيئن مظلوم عوام جي ڏکن جو ازالو ڪري سگهجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button